ديڳ پچائي پنهنجن ۾ ورهايو، اهو ٿيڻ نه ڏينداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ

سيپٽمبر 19, 2023

ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) سرڪاري نوڪرين تي پابندي 3 آڪٽوبر تائين برقرار، عدالت 15 ڏينهن ۾ چيف سيڪريٽري، اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ ۽ سمورن ضلعن جي ٽريزيري آفيسرن کان تفصيل طلب ڪري ورتا، جسٽس ظفر راجپوت ريمارڪس ڏيندي چيو ته واڪ انٽرويو جي بنياد تي نوڪريون نه ڏيڻ گهرجن، اهو نٿو ٿي سگهي ته ديڳ پچايو ۽ پنهنجن ۾ ورهائي ڇڏيو،

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سرڪاري نوڪرين تي پابندي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم عدالت کي ٻڌايو ته عدالت جي عبوري حڪم باوجود پراڻي تاريخن ۾ مقررين جا ليٽر جاري ڪيا ويا آھن

سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي ماتحت ادارن عدالتي حڪمن تي به عمل ناهي ڪيو، انهن ادارن کان جواب طلب ڪيو وڃي ته اميدوارن کي ليثر ڪڏهن ڪڏھن جاري ڪيا ويا آھن

 جسٽس ظفر راجپوت چيو ته ان مسئلي جو حل اهو آهي ته بائيو ميٽرڪ تصديق ٿيڻ کانپوءِ ئي پگهارون ملي سگهن ٿيون،  اسان ضلعي اڪائونٽس آفيسرز کان رپورٽ طلب ڪيون ٿا، گذريل تاريخن تي ڪنهن کي ليٽر تي جاري ٿي سگهي ٿو پر بائيو ميٽرڪ کانسواءِ پگهار جاري نٿي ٿي سگهي، ضلعي اڪائونٽس آفيسرز جي رپورٽ ۾ سڀ ڪجهه واضح ٿي ويندو

 ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن جا آفيسر پڻ پيش ٿيا، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي چيف سيڪريٽري سنڌ، اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ، ضلعي اڪائونٽس آفيسرز ۽ ٻين کان جواب طلب ڪري ورتو

 جسٽس ظفر راجپوت چيو ته سمورا ادارا پندرهن ڏينهن اندر رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪن، واڪ ان انٽرويو جي بنياد تي نوڪريون نه ھئڻ گھرجن، جيڪڏھن 20 جايون خالي آھن ته اتي 20 نوڪرين جو اشتھار ڏنو وڃي، ان ڪري ته اسان واڪ ان انٽرويو تي پابندي مڙھي آھي

 عدالت جون، جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ٿيندڙ مقررين جا تفصيل طلب ڪري ورتا، ٽن مھينن ۾ ڪيترن ملازمن جي بايو ميٽرڪ ٿي، ڪيترا ملازمن جا سيلري اڪائونٽ کوليا ويا آھن سمورا تفصيل فراھم ڪيا وڃن، عدالت سرڪاري نوڪرين تي پابندي 3 آڪٽوبر تائين برقرار رکڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Comment