“دي وائيس آف هند رجب” گولڊن گلوب ايوارڊ لاءِ نامزد

“دي وائيس آف هند رجب” گولڊن گلوب ايوارڊ لاءِ نامزد

 غزه (ڪلچرل ڊيسڪ)  غزه ۾ پيش آيل ڏکوئيندڙ واقعي تي ٻڌل فلم ‘دي وائيس آف هند رجب’ کي گولڊن گلوب ايوارڊز لاءِ  بهترين فلم جي ڪيٽيگري ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. هي فلم 5 سالن جي فلسطيني ڇوڪري هند رجب جي دل جهوريندڙ آخري لمحن کي ظاهر ڪري ٿي. 29 جنوري 2024 تي 5 سالن جي هند رجب غزه ۾ پنهنجي خاندان سان گڏ هجرت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، جڏهن سندس ڪار تي اسرائيلي فوجن حملو ڪيو. هند رجب ريڊ ڪريسنٽ جي رضاڪارن کي مدد لاءِ سڏ ڪيو پر مدد پهچڻ کان اڳ ئي هند رجب شهيد ٿي وئي. واضح  رهي ته هن فلم وينس فلم فيسٽول ۾ ٻيو وڏو سلور لائين ايوارڊ پڻ کٽيو آهي، جتي فلم کي 23 منٽن جي اسٽينڊنگ اوويشن پڻ ملي.