| دٻاءُ رد: ايران خلاف جنگ ۾ شامل نه ٿينداسين: برطانيا |
لنڊن (م ڊ) برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر واضح ڪيو آهي ته هو ايران خلاف جاري جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دٻاءُ اڳيان نه جهڪندو. پارليامينٽ ۾ ڳالهائيندي اسٽارمر چيو ته هي اسان جي جنگ ناهي. مون تي پنهنجي پاليسي تبديل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو دٻاءُ هو ۽ ان دٻاءُ ۾ گذريل رات پيش آيل واقعا به شامل آهن. پر مان پنهنجو فيصلو نه بدلائيندس. مان دٻاءُ آڏو نه جهڪندس. هن جنگ ۾ شامل ٿيڻ اسان جي قومي مفاد ۾ ناهي ۽ اسان اهو فيصلو نه ڪنداسين. مون کي خبر آهي ته مان ڪٿي بيٺو آهيان.