دٻي ۾ جوتا هئا يا منشيات ؟ عمران جي گهر پارسل پهچائيندڙ ڊرائيور ڦاسي ويو

جُولاءِ 27, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گهر جوتا پهچايا يا دٻي ۾ منشيات هئي، پوليس ڊرائيور کي پڪڙي ورتو، جنهن تي عمران خان ردعمل ڏنو آهي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته مون هڪ شخص جوتن جو دٻو موڪليو، آئون ان شخص کي سڃاڻيندو آهيان، پنهنجي ڊرائيور ذريعي هن جوتا منهنجي گهر پهچايا

عمران خان چيو ته ٻن ڏينهن کانپوءِ پوليس ڊرائيور جي گهر پهچي وئي ۽ ان غريب کي ڌمڪائي اهو بيان ڏيڻ تي مجبور ڪرڻ لڳي ته اهو منهنجي گهر منشيات جو دٻو ڏئي ويو

عمران چيو ته بطور حڪمران ڏوهاري ملڪ هلائيندا آهن ته ايئن ئي ٿيندو آهي، اهي وڏن عهدن تي ويهڻ جي قابل ئي ناهن، اهي مون کي نا اهل يا قيد ڪرائڻ لاءِ اهڙيون حرڪتون ڪري رهيا آهن

Leave A Comment