دڙو جي واپاري جي فيملي مٿان ڦورن جي فائرنگ

جُولاءِ 3, 2025

دڙو (پنهنجي ڊيسڪ)دڙو لڳ درگاهه ملوڪ شاهه تي هاءِ روف ۾ ايندڙ فيملي تي هٿيار بند ڦورن فائرنگ ، دڙو واسي سيٺ مشتاق لاکو سومرو جي فيملي مٿان درگاهه ملوڪ شاهه وٽ هٿياربندن کين روڪيو ڊرائيور گاڏي نه روڪڻ تي هٿياربند ڦورن گاڏي مٿان سڌي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب عورتون ۾ روڄ راڙو پئجي ويو ۽ ڦورو فرار ٿي ويا،

پوليس موجب واقعي واري هنڌ پهچي ڦورون جا پيرا کنيا رهيا آهن، متاثر فيملي سان انصاف ڪيو ويندو ڏهاري جلد قانون جي گرفت ۾ آڻينداسين

هوڏانهن متاثر شهري مشتاق لاکو سومرو چيو ته اسان پنهنجن ٻچن سان گڏ به هاڻ گهرن کان ٻاهر نٿا نڪري سگهون آخر ڪنهن کي دانهن ڏيون ڦورو هاڻ عورتون جو خيال به نٿا ڪن نه بيهڻ تي سڌيون گوليون پيا هلائين ايس ايس پي سجاول نوٽيس وٺي .

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل