دڙو( ن پ و) دڙو ۾ اڳوڻي ايم اين اي ارباب وزير ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پوليس خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو
پ پ ڪارڪن اڳوڻي ايم اين اي ارباب وزير ميمڻ جي اڳواڻي ۾ سوزوڪي اسٽاپ تي 3 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو
اڳواڻن چيو ته منشيات وڪڻندڙن خلاف ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس ڪارروائي نه ٿي ڪري جنهن سبب شهر ۾ گٽڪو ۽ ٻيون شيون سرعام وڪرو ٿي رهيون آهن
هنن چيو ته ايس ايڇ او منشيات وڪڻندڙن خلاف ڪارروائي بدران پ پ جي ضلعي قيادت خلاف گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو آهي، اڳواڻن ايس ايڇ او کي هتائي منشيات وڪڻندڙن خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي