دڙو(ن پ ا) دڙو پوليس جو نوجوان کي تشدد جو نشانو بڻائي رتورت ڪري ڇڏيو. ٽائون ڪاميٽي دڙو جي ملازم نوجوان فجال مسيح ٻڌايو ته شهر ۾ مون سان ٿيل جهيڙي جي
رپورٽ درج ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي ڏيڻ ويس ته پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي بدران مڇرجي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو
نوجوان جي امڙ راڻي مسيح پنهنجي اخبار کي روئيندي ٻڌايو ته غريب آهيون، شهر مان گندگي صاف ڪري گذر سفر ڪندا آهيون
پٽ کي پوليس بيگناھ ماريو آهي. هن وس وارن ۽ ايس ايس پي سجاول کي اپيل ڪئي ته پٽ تي پوليس تشدد جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ٻِي صورت ۾ شهر ڇڏي هليا وينداسين