دڙو ۾ ڪار سوارن تي فائرنگ، 5 ڄڻا زخمي، شهر ۾ هراس پکڙجي ويو

جُون 15, 2023

دڙو (ن پ ا) دڙو ابڙال روڊ تي ٻن موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري خاصخيلي برادري جي 5 ڄڻن پوڙهو، علي احمد، اظهر، محبوب، محمد رحيم ۽ غلام مصطفيٰ خاصخيلي کي سخت زخمي ڪري وڌو.

پوڙهو خاصخيلي ۽ محمد رحيم خاصخيلي جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کين حيدرآباد اماڻيو ويو. خاصخيلي برادري جي زخمين ٻڌايو ته پرھياڙ برادري جي هٿياربندن فائرنگ ڪري 5 ڄڻن کي زخمي ڪيو.

 ٻئي طرف پ پ ايم اين اي اياز شاھ شيرازي دڙو اسپتال پهچي زخمين جي عيادت ڪئي ۽ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته پرهياڙ برداري علائقي ۾ غريب ماڻهن لاءِ دهشت جي علامت بڻجي وئي آهي.

 هوڏانهن دڙو پوليس موجب ٻنهي ڌرين ۾ زميني تڪرار هلندڙ آهي زخمين کي اسپتال پهچايو آهي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.

Leave A Comment