| دڪان تي شربت پيئڻ لاءِ آيل عورت 75 هزار ڊالر کٽي ورتا |
واشنگٽن(انٽريسٽنگ نيوز) دڪان تي شربت پيئڻ لاءِ آيل عورت 75 هزار ڊالر کٽي ورتا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ڏکڻ ڪيرولائنا ۾ شربت جي دڪان تي لاٽري رکي وئي. هڪ عورت شربت خريدڻ لاءِ دڪان تي آئي ته مالڪ کيس لاٽري وٺڻ لاءِ راضي ڪيو، عورت دڪان تان هڪ لاٽري به خريد ڪئي جنهن بعد لاٽري جو ٽڪيٽ جيئن ئي اسڪريچ ڪيو ته سندس وڏو انعام نڪري آيو. اهو انعام 75 هزار آمريڪي ڊالر هو. ميڊيا سان ڳالهائيندي عورت چيو ته مونکي اندازو ئي نه هو ته شربت منهنجي لاءِ خوشقسمتي بڻبو. هن ٻڌايو ته هو ايڏو وڏو انعام حاصل ڪري انتهائي جذباتي ٿي وئي ڇاڪاڻ ته هن زندگي جون تمام گهڻيون ڏکيائون ڏٺيون آهن، هن چيو ته اها انعامي رقم هاڻ سندس زندگي کي ڪجهه آسان بڻائيندي