| ذائقو بهتر ۽ چمڪ: مڇين کي ڏهاڙي 5 ڪلو مرچ کارايا وڃن ٿا |
بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) چين جي صوبي اناناهه ۾ موجود هڪ مڇي فارم اڄڪلهه پنهنجي غير معمولي طريقيڪار سبب سوشل ميڊيا تي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو، غير ملڪي ميڊيا رپورٽ موجب چيني شهر چانگشا ۾ واقع فارم هائوس ۾ مڇين کي ڏهاڙي لڳ ڀڳ 5 هزار ڪلو مرچ کارايا وڃن ٿا. فارم مالڪن جي دعوي آهي ته ان سان مڇين جو ذائقو بهتر ٿيندو ۽ انهن جو رنگ وڌيڪ چمڪدار ٿيندو، فارم ۾ موجود 10 ايڪڙن تي مشتمل تلاءَ 40 سالن جي هاري جيانگ شينگ ۽ ان جي ساٿي کوانگ جو آهي. ٻنهي مالڪن جو چوڻ آهي ته اسان 2 هزار کان وڌيڪ مڇيون پاليون آهن، انهن کي مختلف قسم جا مرچ کارايون ٿا. فارم جي مالڪ ڪوانگ جو چوڻ هو ته مڇيون پاڻ گاهه ِ بدران مرچ کائڻ پسند ڪن ٿيون، جيانگ جو چوڻ آهي ته مڇين ۾ انسانن جهڙي ذائقي جي حس ناهي ٿيندي، هو خوراڪ کي دير تائين سونگهي ڪري سڃاڻپ ڪري وٺن ٿيون، مرڍن جي تيکائپ انهن کي ڪجهه نه ٿي ڪري. فارم مالڪن جي دعويٰ آهي ته مرچن ۾ موجود وٽامن مڇين جي واڌ ويجهه لاءِ فائدي مند هوندي آهي، مرچ کائڻ سان مڇين جي صحت ۾ بهتر ٿيندي آهي ۽ اهي جلد وڏيون ٿي وينديون آهن. فارم مالڪن جو اهو به چوڻ هو ته مرچن جو غذا طور استعمال مڇي جي گوشت کي نرم ۽ مزيدار بڻائي ٿو.