| ذاتي ڪارڪردگي بهتر نه هئي: محمد رضوان پي ايس ايل ۾ پنڊيز جي شڪست جي ذميواري قبولي ورتي |
ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز راولپنڊيز جي ڪپتان محمد رضوان مسلسل 7 ميچن ۾ شڪست ۽ پلي آف جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿيڻ جي ذميواري قبول ڪري ورتي. لاهور قلندرز هٿان شڪست کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد رضوان چيو ته:”منهنجي پرفارمنس سٺي نه هئي، ان ڪري ٽيم جو نتيجو اهڙو آيو. پڪ سان منهنجي طرفان ڪا ڪمي رهي هوندي، مان نوجوان پليئر سان اوپن ڪري رهيو هئس.” هن چيو ته مان پوزيشن بابت پنهنجي خواهش ضرور رکان ٿو پر ٽيم جو فيصلو گڏيل هوندو آهي. رضوان جو چوڻ هو ته جڏهن توهان هارايو ٿا ته مثبت شيون ڳولڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي، پر ڪجهه شيون ڪافي مثبت رهيون آهن، ٽيم کي ڏسجي ته ڪٿي به ڪا ڪمي نٿي لڳي پر قسمت ساٿ نه پئي ڏئي. هن چيو ته ليڊر کي رڳو ٽيم جي رزلٽ سان نه سڃاڻو، توهان ڪپتان طور ڪوشش ڪري سگهو ٿا پر غلطيون ٿين ته پوءِ ڪجهه نٿو ٿي سگهي.محمد رضوان وڌيڪ چيو ته”بگ بيش ۾ چيو هو ته منهنجي پرفارمنس تي پاڪستان ٽيم ۾ جڳهه نٿي ٺهي، پر پرفارمنس نه ٿيڻ جو مطلب اهو ناهي ته مان همت هاري ويهان. منهنجي لاءِ ڪرڪيٽ جنون آهي، مونکي ان کانسواءِ ڪجهه نٿو اچي، مان محنت ڪري واپس ايندس. هي منهنجي زندگي جو سڀ کان ڏکيو مرحلو آهي، مان مڃان ٿو ته هي منهنجي ناڪامي آهي، اڳتي منهنجي هٿ ۾ صرف محنت ڪرڻ آهي.”