اسان جو سماج ڪيترين ئي غلط فھمين جو شڪار آھي ۽ انھن منجھان ھڪ وڏي غلط فھمي اھا آھي تہ زندگيءَ ۾ پئسو ئي سڀ ڪجھ ھوندو آھي. پئسي جي زندگيءَ ۾ اھميت کان انڪار ناھي. زندگيءَ جون سڀ بنيادي ضرورتون پئسن سان ئي پوريون ٿين ٿيون. کاڌو، لٽو، گھر سڀ پئسن سان خريد ڪبا آھن، پر تڏھن بہ پئسو سڀني شين کان مٿانهون نہ ٿيندو آھي.
اھو بہ غلط چيو ويندو آھي تہ سماج ۾ فقط امير ماڻھن جي عزت ھوندي آھي. جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ وٽ گھڻا پئسا ھوندا تہ ڪير ان جي عزت ڇو ڪندو؟ اھي پئسا ان جا آھن، اوھان جا ٿورئي آھن، نہ ئي اُھي پئسا اوھان کي ڏيندا. امير ماڻھو عام طور تي ڏاڍا ڪنجوس واقع ٿيندا آھن، ھو تمام سوچي سمجھي خرچ ڪندا آھن. اميرن جي مقابلي ۾ غريب ماڻھو وڌيڪ سخي ٿيندا آھن. انسان عزت انھن جي ڪندو آھي، جيڪي سٺا ماڻھو ھوندا آھن، جن جو ڪردار بلند ھوندو آھي، جيڪي علم وارا ھوندا آھن، جيڪي ٻين جو درد رکندا آھن يا جن ٻين لاءِ ڪجھ ڪيو ھوندو آھي. تنھنڪري زندگيءَ ۾ پئسو ڪمائڻ کان وڌيڪ اھم ڳالھ عزت ڪمائڻ ھوندي آھي.
ھڪ ٻيو غلط تصور اھو ھوندو آھي ته پئسي سان خوشيون خريد ڪري ٿيون سگھجن. حقيقت ۾ پئسي سان پلنگ تہ خريد ڪري سگھجي ٿو پر ننڊ نہ، گھر تہ خريد ڪري سگھجي ٿو پر سڪون نه. گھڻيون شيون آھن جيڪي پئسن کان وڌيڪ قيمتي ھونديون آھن. مثال طور: رشتا وڌيڪ اھم ٿيندا آھن. پر انسان پنھنجي ناداني سبب پئسن ڪري رشتا تباھ ڪري ڇڏيندو آهي. خوشين جو تعلق پئسن سان ناھي ھوندو. غور ڪري ڏسو تہ زندگيءَ جون سڀئي وڏيون شيون پئسن سان خريد ڪري ئي نہ ٿيون سگھجن. پيار، عزت، ڪردار، علم، ذھانت، سڪون وغيره سڀ پئسن سان خريد نہ ڪري سگھبيون. تنھنڪري پئسو سڀ ڪجھ ناھي ٿيندو.
پئسو فقط آسائش خريد ڪري سگھندو آھي. مثال طور اوھان وٽ ڪرسي آھي. جيڪڏھن وڌيڪ پئسا ھوندا ته بھتر ڪرسي خريد ڪري سگھندؤ، مھراڻ ڪار آھي، گھڻا پئسا ھوندا ته مرسڊيز ڪار وٺي سگھندؤ، ننڍي گھر ۾ رھو ٿا ته وڏو گھر وٺي سگھندؤ. ھاڻي ٽيھن ھزارن واري فون اٿو ته پوء ٽن لکن واري وٺي ٿا سگھو. ھي سڀ سھولتون آھن، خوشيون نه آھن. خوشي ٻي شيءِ ٿيندي آھي. اھو بلڪل ممڪن آھي ته ڪنھن فيڪٽري جي مالڪ کان ڪو ننڍي دوڪان جو مالڪ وڌيڪ خوش زندگي گذاريندو ھجي، ننڍن گھرن ۾ رھڻ وارا ماڻھو محلن ۾ رھڻ وارن کان وڌيڪ کلندا، خوش رھندا ھجن.
پئسو زندگيءَ لاءِ ضروري ضرور آھي پر فقط انسان جي بنيادي ضرورتن جي پورائي تائين. مطلب انسان وٽ ايترا پئسا ضرور ھجڻ گھرجن، جيئن اٽو، لٽو ۽ اجھو وٺي سگھي. جيئن چوندا آھن ته ضرورتون ته فقير جون به پوريون ٿي وينديون آھن ۽ خواھشون بادشاھن جون به اڻپوريون رھجي وينديون آهن.
ڪيترائي ماڻھو پئسي کي تمام وڏي شيءِ سمجھي جمع ڪندا رھندا آھن پر خرچ نه ڪندا آھن. جڏھن تہ پئسو ھوندو ئي خرچ ڪرڻ لاءِ آھي.
پئسي جو غلام ٿيڻ بدران ان کي ھٿ جو مير سمجھڻ گھرجي. پئسو ڏيڻ سان به ھڪ عجيب سڪون ملندو آھي. جڏھن ڪنھن جي تڪليف کي مالي مدد سان گھٽ ڪبو آھي ته انسان کي وڏو سڪون ملندو آھي. اشفاق احمد ھڪ ڀيري چيو ته ديے میں سے ديتا ہے، انسان کونسا اپنے پلے سے دیتا ہے۔ مطلب توھان به مليل پئسن منجھان ئي ڏيندا آھيو. اھي وري ڪھڙا اوھان جا پنھنجا ھئا.
پئسي کي سڀ ڪجھ سمجھڻ وارا ماڻھو پنھنجو سڀ ڪجھ پئسي لاء ڇڏي پاڻ کي وڏو نقصان ڏيندا آھن. ھو رشتن کي پئسي لاء قربان ڪري ڇڏيندا آھن. پنھنجو سڀ ڪجھ پئسي جي ڪري ڇڏي ملڪ ڇڏي ٻاھر ھليا ويندا آھن. خاندان، دوست، ماحول، يادون به تہ قيمتي ھونديون آھن. ڇا پئسي، بجلي، گئس ۽ سٺا روڊ حاصل ڪرڻ لاءِ گھر، خاندان، دوستن کي ڇڏڻ سياڻپ آھي؟
جيڪي ماڻھو پئسي کي گھڻي اھميت ڏيندا آھن، اُھي ھر وقت پئسا ڳڻيندا رھندا آھن، ڪوشش ڪندا آھن ته پئسو گھٽ ۾ گھٽ خرچ ڪجي ۽ پئسن کي بچائجي. اصل ۾ متوازن طرز عمل ئي بھترين ٿيندو آھي. نه انسان فضول خرچ ھجي نه ئي ڪنجوس. پئسا ڪمائڻ جو مقصد ئي پاڻ کي آرام ڏئي زندگي کي آسان بڻائڻ ھوندو آهي.ڪنجوسي ڪردار جي خامي آھي، جيڪا انسان جو معيار ڪيرائي وجھي ٿي. ڪجھ ماڻھو امير ھوندي غريب نظر ايندا آھن ۽ ڪجھ گھٽ پئسي ھجڻ باوجود شاھوڪار نظر ايندا آھن. ڏاهن سچ فرمايو آهي ته، “ذهني غربت ئي سڀ کان وڏي ۽ خطرناڪ غربت هوندي آهي“.
چوندا آھن ته سڀني کان بھترين سيڙپڪاري اھا ھوندي آھي، جيڪا پاڻ تي ڪئي وڃي. ڪاروباري انويسٽمينٽ کان وڌيڪ اھم اھو آھي ته پنھنجي تعليم ، ھنر، سکيا تي خرچ ڪريو. اھا سکيا خرچ ڪيل رقم جو ڦل ضرور موٽائي ڏيندي آھي. اهي شيون انسان کي نه صرف اڳتي وڌائين ٿيون، پر کيس خود اعتماد ۽ باوقار بڻائين ٿيون. ٻاھرين ملڪن جا ماڻھو گھمڻ تي گھڻو خرچ ڪندا آھن. سڄو سال پئسا بچائي ويڪيشن ۾ گھمڻ لاء نڪري ويندا آھن، ڇو ته گھمڻ سان بہ انسان گھڻو ڪجھ سکي سگھندو آھي.
پئسو ڪمائڻ ۾ ڪا به برائي ناھي. انسان کي محنت ڪري گھڻا پئسا ڪمائڻ به گھرجن پر پئسي کي ان جي حيثيت مطابق اھميت ڏيڻ گھرجي. جيڪڏھن پئسي کي حد کان وڌيڪ اھميت ڏبي ته انسان پئسي جو مالڪ نه پر سندس غلام بڻجي ويندو آھي ۽ سندس شخصيت به مسخ ٿي ويندي.
حقيقي امير ماڻھو پئسي وارو ناھي ٿيندو. دنيا جا عظيم ماڻھو پئسي وارا ماڻھو نه ھئا، پر پنهنجي ڪردار، سوچ ۽ عمل سبب هو وڏا بڻيا. سو بنا پئسن جي به ماڻھو امير ٿي سگھي ٿو ۽ پئسن بنا امير زندگي گذاري سگھجي ٿي. حقيقت ۾ اوھان امير بڻجندا ئي تڏھن آھيو، جڏھن اوھان وٽ اُھي شيون ھجن، جيڪي پئسن سان خريد ڪري نه ٿيون سگھجن.
پئسو نه پر سٺي صحبت انسان کي خوش رکندي آھي. حقيقي دولت پئسو ناھي ھوندي. اصل ۾ دولتمند شخص اھو آھي، جنھن جو خواهشون گھٽ ھجن، جنھن وٽ ذھني سڪون آھي، اندر جو اطمينان آھي. نه ته انسان پئسن ھوندي غريب آھي. عزت، پيار، ٻار، دوست، سٺي سوچ، ڪردار ئي انسان جي اصل دولت آھن.