ذوالفقار جونيئر پاران ملير ۾ بلڊر مافيا جي تباهين جو جائزو وٺڻ جو اعلان

جُون 12, 2023

ملير ( رپورٽر) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند ذوالفقار جونيئر ملير ۾ بلڊر مافيا جي تباهين جو جائزو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، محقق گل حسن ڪلمتي جي پونيئرن سان تعزيت پڻ ڪئي

ذوالفقار جونيئر ملير جي ملا عرضي بلوچ ڳوٺ پهتو جتي هن ناليواري ليکڪ گل حسن ڪلمتي جي پونيئرن سان فاتحه خواني ڪئي

 ان موقعي تي ذوالفقار جونيئر چيو ته گل حسن ڪلمتي پنهنجي قلم ذريعي تاريخي حقيقتن کي اجاگر ڪري ماڻهن کي ڄاڻ ڏني هن جو وڇوڙو سنڌي ادب ۽ تحقيقي سلسلي لاءِ وڏو نقصان آهي

هن چيو ته ملير هڪ سرسبز ۽ شاندار علائقو آھي ان جي خوبصورتي کي هٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي، انوائرمينٽ تي هڪ سيمينار ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا وڃي رهيو آھيان جتي سرسبز ملير جي تباهي جو ڪيس رکندس

ذوالفقار جونيئر چيو ته تمام جلد ملير جو دورو ڪندس ۽ بلڊر مافيا جي ڪيل تباهڪارين جو جائزو وٺندس

Leave A Comment