ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهيءَ خلاف صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ٽي وي تان سڌيءَ ريت ڏيکاري وڃي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

ڊسمبر 11, 2023

ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهيءَ خلاف صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ٽي وي تان سڌيءَ ريت ڏيکاري وڃي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، بلاول ڀٽو زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل جي سازش جي الزام ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي، ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي پر سندس نظريو اڄ به زنده آهي، ماڻهو ريفرنس جي ڪارروائي سڌيءَ ريت ڏسڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا، استدعا آهي ته ٻڌڻي سڌيءَ ريت ڏيکارڻ جي اجازت ڏني وڃي، سپريم ڪورٽ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ريفرنس تي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي

Leave A Comment