ذوالفقار ڀٽو ريفرنس ۾ عدالت جي مدد لاءِ 9 معاون مقرر : ختم ڪيس ٻيهر ڪيئن ٿا ڏسي سگهون؟ فيصلو حتمي آهي، بدلائي نٿو سگھجي: سپريم ڪورٽ

ڊسمبر 12, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ شهيد ذوالفقار ڀٽو جي ڦاهي بابت صدارتي ريفرنس ۾ عدالت جي مدد لاءِ 9 مددگار مقرر ڪري ڇڏيا آهن. ججز رمارڪس ڏنا آهن ته ختم ٿيلڪيس ٻيهر ڪيئن ٿا ٻڌي سگھون. سپريم ڪورٽ جو فيصلو حتمي آهي، بدلائجي نٿو سگھجي. ان ڏس ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 9 رڪني لارجر بئنچ ذوالفقار علي ڀٽو جي سزا بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي، ريفرنس ٻڌندڙبينچ ۾ جسٽس سردار طارق مسعود، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل آهن.  پ پ طرفان وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ۽ اٽارني جنرل منصور عثمان روسٽرم تي موجود هئا، جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به عدالتي ڪارروائي ڏسڻ لاءِ عدالتي ڪمري ۾ پهتا.  چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سوال ڪيو ته هي صدارتي ريفرنس آهي ته ڇا حڪومت ان کي هاڻ به هلائڻ چاهي ٿي؟  ان تي اٽارني جنرل چيو مون کي هدايتون آهن ته صدارتي ريفرنس کي حڪومت هلائڻ چاهي ٿي، ريفرنس 15 صفحن تي ٻڌل آهي. چيف جسٽس پڇيو ته صدارتي ريفرنس ۾ صدر صاحب اسان کان ڇا ٿو چاهي؟ ڪهڙي صدر اهو ريفرنس فائل ڪيو آهي؟ اٽارني جنرل چيو ته آصف زرداري صدر طور اهو ريفرنس موڪليو هو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪنهن صدر صدارتي ريفرنس واپس نه ورتو ته اهو هاڻ به عدالت جي اختيار ۾ آهي.  چيف جسٽس اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته ريفرنس پڙهي ٻڌايو، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته ريفرنس 15 صفحن تي ٻڌل آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي صدارتي ريفرنس تي سوال اٿاريندي چيو ته سپريم ڪورٽ ڀٽو ڪيس ۾ فيصلو ٻڌائي چڪي ۽ نظرثاني به خارج ٿي وئي، ختم ٿيل ڪيس کي ٻيهر ڪيئن ٿا ڏسي سگهون؟ سپريم ڪورٽ ٻي نظرثاني نٿي ٻڌي سگهي، هڪ معاملو ختم ٿي چڪو آهي، عدالت کي اهو ٻڌايو ته ڪيس ۾ قانوني سوال ڪهڙو آهي؟ فيصلو برو هو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو حتمي آهي تبديل نٿو ڪري سگهجي، اهي آئيني سوال آهن، جن جو جواب ضروري آهي. فاروق نائيڪ چيو ته ڀٽو ڪيس عوامي اهميت رکندڙ هو، جنهن تي جسٽس منصور چيو عوامي اهميت رکڻ جو سوال صدر کي ڏسڻو هو، عدالت قانوني سوال ڏسندي، عدالت قانوني سوال بنا فيصلو ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟ عدالت ڪهڙي قانون تحت اهو ريفرنس هلائي؟ جسٽس منصور فاروق ايچ نائيڪ کي چيو ته توهين عدالت کي ڪو قانوني حوالو ته ڏيو. آرٽيڪل 186 تحت داخل صدارتي ريفرنس ذريعي سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي نظرثاني نٿي ٿي سگھي. هاڻي اسين ڀٽو فيصلي کي ڇُهي به نٿا سگھون. عدالت کي ٻڌايو ته جيڪو معاملو حتمي ٿي ختم ٿي چڪو ان کي ٻيهر ڪيئن کوليون؟ ٻڌڻي دوران احمد رضا قصوري روسٽرم تي چاي نسيم حسن شاهه جي هڪ اخباري انٽرويو جو حوالو ڏنو، جنهن تي جسٽس جمال پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهين جسٽس نسيم شاهه جي انٽرويو تي ڀاڙيندئو.؟ چيف جسٽس چيو ته بهتر ٿيندو اٽارني جنرل کي دليل ڏيڻ ڏيو. چيف جسٽس چيو ته هڪ سينئر جج بينچ ۾  شامل نٿي ٿيڻ چاهيو، ٻين ٻن ججز  ذاتي سببن جي ڪري ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي، ان ڪري 9 رڪني بينچ جوڙيو آهي. بعد ۾ ڪيس ۾ 9 عدالتي مددگار مقرر ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. عدالت چيو ته فوجداري معاملن تي عدالت جي مدد لاءِ خواجه حارث کي به عدالتي معاون مقرر ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته بيرسٽر سلمان صفدر به عدالت جي مدد ڪندو. عدالتي مددگارن کي نوٽيس جاري ڪري جواب ورتو وڃي ته اهي معاونت ڪرڻ چاهين ٿا. عدالت چيو ته آرٽيڪل 186 ٿحت صدارتي ريفرنس داخل ڪيو ويو ۽ آخري ڀيرو صدارتي ريفرنس 2012ع ۾ ٻڌو ويو، بدقسمتي سان هي ريفرنس ان کان پوءِ ٻڌو ئي نه ويو، ۽ التوا ۾ رهيو. عدالت خانگي ٽي وي چينل وٽ ڀٽو ڪيس بابت انٽرويوز ۽ ڪلپس جو رڪارڊ فراهم ڪرڻ جو چيو ته عدالت کي جسٽس دراب پٽي جو انٽرويو جو رڪارڊ به ڏنو وڃي. پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جنوري جي ٻئي هفتي تائين ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ عدالتي  حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته جنوري کان صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي روزانو جي بنياد تي ٿيند ي۽ جنوري ۾ ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي ڪا التوا نه ڏني ويندي.

Leave A Comment