ذوالفقار ڀٽو خلاف قتل ڪيس ۾ فريادي احمد رضا قصوري به عدالت پهتو

ڊسمبر 12, 2023

سپريم ڪورٽ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف قتل ڪيس ۾ اُن ڪيس جو فريادي احمد رضا قصوري به عدالتي ڪارروائي ۾ شريڪ ٿيو

فاروق ايڇ نائيڪ کانپوءِ احمد رضا قصوري به روسٽرم تي نظر آيو ۽ نسيم حسن شاهه جي هڪ اخبار کي ڏنل انٽرويو جو حوالو به ڏنو

ياد رهي ته پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي احمد رضا قصوي جي والد نواب محمد احمد خان قصوري جي قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو هو

سپريم ڪورٽ اُنهيءَ ڪيس ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي

جڏهن آصف علي زرداري 2011ع ۾ صدر جي حيثيت ۾ هي ريفرنس داخل ڪيو ته ان وقت بابر اعواڻ سپريم ڪورٽ ۾ وڪيل طور پيش ٿي رهيو هو، پر پوءِ عدالت سندس لائسنس واپس وٺي ڇڏيو ۽ هو ان ڪيس ۾ پيش نه ٿي سگهيو، اڄ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا بابر اعواڻ عدالتي ڪمري ۾ موجود آهي ۽ ڇا هو اڃا تائين ان ڪيس ۾ وڪيل آهي؟

واضح رهي ته يوسف رضا گيلاني جي توهين عدالت ڪيس ۾ گواهه طور پيش ٿيڻ کان انڪار کانپوءِ بابر اعواڻ پارٽي ۾ غير فعال ٿي ويو هو، بعد ۾ اُن پيپلز پارٽي ڇڏي تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي ۽ اهڙي طرح هو ڪيس جو حصو نه رهيو آهي

Leave A Comment