ذھانت جي ڪسوٽي: ڪامياب شخصيت جا اھڃاڻ ۽ معيار … حسن پٺاڻ

                 انساني زندگي احساسن، لاڳاپن، آزمائشن ۽ ڪاميابين جو هڪ وسيع ۽ گهڻ رخو سفر آهي. هن سفر ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ صرف ذهني تيزي يا علمي قابليت ڪافي ناهي، پر انسان کي پنهنجي اندر اهڙا ڪيترائي پهلو پيدا ڪرڻا پوندا آهن، جيڪي کيس مڪمل، بردبار ۽ متوازن شخصيت بڻائن. نفسيات جي ماهرن جي نظر ۾ انسان جو عقل، هوشيارپ يا ذهانت صرف هڪ رخ واري نه آهي، پر اها چار اهم قسمن ۾ ورهايل آهي  IQ، EQ، SQ ۽ AQ. اهي چارئي عنصر گڏجي انسان جي حقيقي ڪاميابيءَ جو بنياد بڻجن ٿا.

                 ذهانت جو سڀ کان وڌيڪ مشهور ۽ روايتي تصور IQ يعني انٽيليجنس ڪوشنٽ (ذھني قابليت) آهي. هي اهو ماپو آهي، جنهن سان انسان جي ذهني صلاحيتن کي پرکيو ويندو آهي. رياضيءَ جا مسئلا حل ڪرڻ، يادگيريءَ جي طاقت، تجزياتي سوچ ۽ علمي ڪارڪردگي IQ سان ڳنڍيل آهن. اسڪولن ڪاليجن ۽ تعليمي ادارن ۾ عام طور تي شاگردن جي ڪاميابيءَ جو دارومدار به IQ تي رکيو ويندو آهي. جيڪي شاگرد امتحانن ۾ وڌيڪ مارڪون کڻن ٿا، انهن کي ذهين سمجهيو وڃي ٿو. پر ڇا صرف اها ڪسوٽي ئي ڪافي آهي؟ ڇا زندگي جي هر ميدان ۾ ڪاميابي صرف مخصوص ڪتابي علم سان حاصل ڪري سگهجي ٿي؟ يقيناً نه.

انسان جي اندر هڪ ٻي اهم قوت آهي، جيڪا هن جي جذبن سان لاڳاپيل آهي، جنهن کي EQ يعني ايموشنل ڪوشنٽ (جذباتي ذھانت) چيو وڃي ٿو. EQ اهو ماپو آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ته انسان پنهنجي ۽ ٻين جي احساسن کي ڪيتري حد تائين سمجهي سگهي ٿو. هڪ اهڙو فرد، جيڪو ٻين سان همدردي رکي ٿو، پنهنجي ڪاوڙ کي قابو ۾ رکي ٿو، وقت جي پابندي ڪري ٿو، ايماندار ۽ ذميوار آهي، اهو دراصل اعليٰ EQ جو مالڪ هوندو آهي. زندگيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا موقعا ايندا آهن، جتي علم کان وڌيڪ انسان جي روين ۽ جذباتي پختگيءَ جي ضرورت پوندي آهي. هڪ نرم دل، عاجز ۽ احساس رکندڙ ماڻهو سماج ۾ وڌيڪ عزت حاصل ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو علم کان اڳ انسانيت کي اهميت ڏين ٿا.

ساڳي طرح، سماجي ذهانت يعني SQ پڻ انسان جي زندگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. SQ ذريعي اهو اندازو لڳائجي ٿو ته ڪو ماڻهو ٻين سان ڪيترو سٺو رابطو قائم ڪري سگهي ٿو، دوستيون ڪيئن نڀائي سگهي ٿو ۽ سماجي لاڳاپن کي ڪيئن برقرار رکي سگهي ٿو. سماج ۾ رهندي، انسان کي ٻين سان گڏ هلڻو پوندو آهي. جيڪو ماڻهو ماڻهن سان سٺو وهنوار رکي ٿو، جيڪو ٻين جي خوشين ۽ ڏکن ۾ ساٿ ڏئي ٿو، اهو پنهنجي چوڌاري هڪ مضبوط نيٽورڪ ٺاهي ٿو. اهو نيٽورڪ ئي هن جي ڪاميابيءَ جو سبب بڻجي ٿو. ڪيترائي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جن جو IQ عام هوندو آهي، پر انهن جو SQ ۽ EQ انتهائي مضبوط هوندو آهي، ۽ اهي ئي ماڻهو عملي زندگيءَ ۾ اڳتي نڪري ويندا آهن.

هتي هڪ دلچسپ حقيقت به سامهون اچي ٿي ته هڪ اعليٰ IQ وارو ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن هڪ اهڙي شخص جي ماتحت ڪم ڪندو آهي، جنهن جو IQ وچٿرو هوندو آهي، پر EQ ۽ SQ اعليٰ هوندا آهن. ان جو سبب اهو آهي ته قيادت ۽ انتظام ڪرڻ لاءِ صرف علم ڪافي ناهي، پر ماڻهن کي سمجهڻ، انهن سان رابطو رکڻ ۽ انهن کي گڏ کڻي هلڻ جي صلاحيت وڌيڪ اهم هوندي آهي.

زندگي جو چوٿون اهم پهلو AQ يعني ايڊورسٽي ڪوشنٽ (مشڪلاتن سان مُنھن ڏيڻ جي صلاحيت) آهي، جيڪو شايد سڀني کان وڌيڪ اهم آهي، پر سڀني کان گهٽ سمجهيو ويندو آهي. AQ اهو ٻڌائي ٿو ته جڏهن انسان ڪنهن مصيبت، ناڪامي يا آزمائش کي منهن ڏئي ٿو، ته هو ڪيئن ردعمل ڏيکاري ٿو. ڇا هو ٽٽي پوي ٿو؟ ڇا هو هار مڃي وٺي ٿو؟ يا وري هو همت ڪري، حالتن جو مقابلو ڪري، اڳتي وڌي ٿو؟

زندگي ۾ ڪامياب ماڻهو اهي نه هوندا آهن، جيڪي ڪڏهن ناڪام ناهن ٿيا، پر اهي هوندا آهن، جيڪي هر ناڪاميءَ کان پوءِ ٻيهر اٿي بيهڻ ۽ اڳتي وڌڻ ۽ جدوجهد جاري رکڻ ڄاڻن ٿا. هڪ مضبوط AQ وارو انسان هر ڏکيائيءَ کي هڪ سبق سمجهي ٿو، نه ڪي آخري انجام. هو مشڪلاتن ۾ به اميد جو ڏيئو ٻاري ٿو ۽ پنهنجي اندر جي طاقت کي سڃاڻي ٿو. اهڙي ماڻهوءَ لاءِ هر طوفان ۽ خطرو هڪ نئون رستو کوليندو آهي.

اسان جي سماج ۾ افسوس سان اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته والدين ۽ استاد گهڻو ڪري؛ صرف IQ تي ڌيان ڏين ٿا. ٻارن کي ننڍپڻ کان ئي امتحانن، نمبرن ۽ مقابلي جي ڊوڙ ۾ لڳايو وڃي ٿو، پر انهن کي اهو نٿو سيکاريو وڃي ته جذبن کي ڪيئن سنڀالجي، ماڻهن سان ڪيئن پيش اچجي يا ڏکاين کي ڪيئن مُنهن ڏجي. نتيجي طور، ڪيترائي نوجوان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ باوجود به زندگيءَ جي حقيقي چئلينجز ۾ ناڪام ٿي وڃن ٿا.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي ٻارن کي صرف درسي ڪتابن تائين محدود نه ڪيون، پر انهن کي زندگيءَ جي اصل معنائن سان روشناس ڪرايون. انهن کي سيکاريون ته ناڪامي به زندگيءَ جو حصو آهي، ۽ ان کان ڊڄڻ بدران ان مان سکڻ گهرجي. انهن کي اهو به سيکاريون ته ٻين سان همدردي ڪيئن ڪجي، پنهنجن احساسن کي ڪيئن سمجهجي ۽ ٻين جي جذبن جو احترام ڪيئن ڪجي.

والدين ۽ استادن کي گهرجي ته هو ٻارن کي مختلف حالتن جي ڄاڻ ڏين، جيئن هو زندگيءَ جي تلخ ۽ ڏکين اهڙي طرح سڻاون ۽ آسان يا سٺن تجربن مان گذرڻ وارن مرحلن بابت آگاهي ڏين. انهن کي تڪليف، محنت ۽ محروميءَ جو به احساس ٿيڻ گهرجي، ڇو ته اهي ئي تجربا انهن جي اندر برداشت، صبر ۽ همت پيدا ڪندا آهن. هڪ اهڙو ٻار، جيڪو هر آسانيءَ ۾ پلجي ٿو، هو زندگيءَ جي سخت حالتن ۾ جلد ٽٽي پوندو آهي. جڏهن ته جيڪو ٻار ننڍپڻ کان ئي ڏکاين کي منهن ڏيڻ سکي ٿو، اهو مستقبل ۾ مضبوط ۽ خودمختيار انسان بڻجي ٿو.

اسان کي پنهنجي ٻارن لاءِ رستا هموار ڪرڻ سان گڏوگڏ، انهن کي ڏکين رستن لاءِ به تيار ڪرڻ گهرجي. ڇو ته زندگي هميشه هڪ جهڙي ناهي هوندي. ان ۾ کوڙ لاها چاڙها، هيٺاهيون ۽ مٿاهيون هونديون آهن. جيڪو ماڻهو انهن حالتن لاءِ اڳواٽ تيار هوندو آهي، اهو ئي ڪامياب ٿيندو آهي.

هڪ مڪمل ۽ ڪامياب انسان بڻجڻ لاءِ صرف IQ ڪافي ناهي، پر EQ، SQ ۽ AQ به اوترا ئي اهم آهن. اهي چارئي عنصر گڏجي انسان جي شخصيت کي مڪمل ڪن ٿا. جيڪڏهن اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي هڪ بهتر مستقبل ڏيڻ ٿا چاهيون، ته اسان کي انهن جي تعليم سان گڏ انهن جي شخصيت جي ٻين پاسن تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي. زندگيءَ جو اصل حسن به ان ئي توازن ۾ آهي، جتي عقل، احساس، سماج ۽ صبر گڏجي هڪ اهڙي انسان کي جنم ڏين ٿا، جيڪو نه رڳو پاڻ لاءِ، پر سڄي سماج لاءِ فائدي وارو هجي.