ميرپورخاص ( بيورورپورٽ) ميرپورخاص ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي عهدن تي پ پ اميدوارن ڪاميابي ماڻي ورتي
ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ آر او پريم چند جي نگراني ۾ ٿي جنهن دوران يونين ڪميتين تي چونڊيل نمائدن ووٽ جو حق استعمال ڪيو
ووٽنگ کانپوءِ آر او ڪامياب ٿيل اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو جنهن موجب ميئر ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ پ پ جي اميدوارن رئوف غوري ۽ جنيد بلند 27 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي
ميرپور خاص ميونسپل ڪارپوريشن جي ايوان ۾ 34 ميمبر آھن جن مان هڪ ميمبر هري رام حلف ناهي کنيو ۽ 2 ميمبر فاروق ملڪ ۽ شڪور لاشاري غير حاضر رهيا