رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي جي 16هين ورسي :ڀيٽا پيش

رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي جي 16هين ورسي :ڀيٽا پيش

مورو(ن پ ا) نيشنل پيپلزپارٽي جي باني ۽ اڳوڻي نگران وزيراعظم رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي جي 16 هين ورسي سندس آخري آرامگاهه تي  سادگي سان ملهائي وئي، مرحوم جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني ڪري مزار تي گلن جي چادر چاڙھي دعا گھري وئي، ان موقعي تي مقررن چيو ته  رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي پوري زندگي انسانيت ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي بهتري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن  صاف ۽ شفاف  سياست ڪئي.