رائونتي جي ڪچي ۾ شر، انڍڙ گينگز خلاف آپريشن، 2 ڏوهاري مارڻ ۽ 8 زخمي ڪرڻ جي دعويٰ

رائونتي جي ڪچي ۾ شر، انڍڙ گينگز خلاف آپريشن، 2 ڏوهاري مارڻ ۽ 8 زخمي ڪرڻ جي دعويٰ

رائونتي (ن پ ا) رائونتي ڪچي واري علاقي ۾ رهندڙ ر گينگز انڍڙ گينگز سميت ٻين گينگز جي ڏوهارين کي گهوٽڪي پوليس پاران  ڏنل  الٽيمٽم پورو ٿيڻ بعد گهوٽڪي پوليس پاران ٻن  ڏينهن کان رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ رينجرس ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان آپريشن ڪيو. ڪچي ۾ شر گينگز انڍڙ گينگز ڪوش گينگز ۽ ٻين گينگز جي ڏوهارين خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ڪيو ويو. پوليس پاران رائونتي ڪچي ۾ رهندڙ بدنام ڏوهارين جي گهرن  مٿان جديد ٽيڪنالوجي جي مدد سان ڊورن ذريعي آپريشن ڪري سندس گهرن کي ڊاهي پٽ ڪري باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي، آپريشن دوران پوليس پاران ۾ ٻن ڏوهارين ملائو ڪوش ۽ محمد مراد عرف ڏاڏو ڪوش کي مارڻ جڏهن ته  8 کان وڌيڪ ڏوهارين کي زخمي ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زخمين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، مارجي ويلن ڏوهارين جا لاش پوليس هٿ ڪري تعلقه اسپتال اوٻاوڙو مردہ خاني ۾ منتقل ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته زخمين کي پنهنجا ساٿي کڻي فرار ٿي ويا آهن. ياد رهي ته آپريشن ۾ گذريل ٻن ڏينهن دوران مارجي ويلن ڏوهارين جو انگ وڌي 4 ٿي ويو،
 

مارجي ويل ڌاڙيلن مٿان سنڌ پنجاب ۾ 60 کان وڌيڪ ڪيس داخل
 

رائونتي:  مارجي ويلن ڏوهارين ملائو ڪوش مٿان اغوا ڦر ڌاڙن سميت سنڌ پنجاب جي مختلف ٿاڻن تي 40 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن جڏهن ته سندس ڀاءُ محمد مراد عرف ڏاڏو ڪوش مٿان اغوا ڦر سميت سنڌ پنجاب جي مختلف ٿاڻن تي 20 کان وڌيڪ سنگين ڪيسن داخل آهن،
 

آپريشن دوران ڪوش گينگ جا 12 ڏوهاري پڪڙڻ جي دعويٰ، نالا ظاهر نه ڪيا ويا
 

رائونتي:  آپريشن دوران پوليس پاران ڪوش گينگ جي 12 جوابدارن کي پڻ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي، گرفتار ٿيل جوابدارن کي گجهي هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي پڇا ڳاڇا جاري آهي جڏهن ته هن جوابدارن جا نالا ظاهر نه ڪيا ويا آهن،