رائونتي جي ڪچي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن: 2 ڌاڙيل مارجي ويا

جُولاءِ 20, 2023

رائونتي/اوٻاوڙو(نمائندن وٽان) رائونتي جي ڪچي ۾مغوين جي بازيابي لا پوليس آپريشن دوران 2 ڌاڙيل مارجي ويا، 2 زخمي ٿي پيا

پوليس موجب ڪچي واري علائقي ۾مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس طرفان سرچ آپريشن ڪيو ويو،  آپريشن دوران ڌاڙيل بديحل  شر وارن سان مقابلو ٿي پيو ، جنھن ۾ هڪ ڌاڙيل  مارجي ويو جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا مارجي ويل ڌاڙيل جي سڃاڻپ رشيد شر طور تي ٿي آهي جڏهن ته زخمي شيرو شر به پوليس وٽ آهي، ٻن زخمين کي ڌاڙيل پاڻ سان گڏ کڻي ويا

ٻئي طرف ايس ايڇ او رائونتي عبدالشڪور لاکو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي ڪجهه ڏينهن کان اطلاع مليا هئا ته ڌاڙيل شيرو شر ۽ بديئل شر وٽ ڪافي مغوي باندي بڻيل آهن

سندس چوڻ هو ته پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ رائونتي جي ڪچي ۾ آپريشن لاءِ پھتي ته ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو مقابلو ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو ۽ 3 ڏوهاري سخت زخمي ٿي پيا، ٻن زخمين کي ڏوهاري پاڻ سان گڏ کڻي ويا

پوليس موجب ته ٻنهي ڏوهارين کان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن، پوليس مقابلي جو ڪيس دين محمد لغاري ٿاڻو رائونتي تي داخل ڪيو ويو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڌاڙيل شهيد پوليس اهلڪارن جي  ڪيس ۾ گهربل جوابدار هو، مارجي ويل جو لاش ۽ زخمي کي پوليس تعلقه اسپتال اوٻاوڙو آندو ويو آهي

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي جلد اغوا ٿي ويل مغوين کي بازياب ڪرايا ويندا، زخمي ٿي ويل ڏوهاري شير محمد عرف شيرو کي اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شيخ زيد اسپتال رحيم يار خان منتقل ڪيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڌئي ڇڏيو

Leave A Comment