ٻئي طرف مارجي ويل ٻنھي مغوين جي لاشن کي اوٻاڙو اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، بازياب ٿيلن ۾ ثناءُ الله ،ساجد عباس ،رضوان، وارث علي شامل آهن جنهن مان هڪڙي مغوي کي گوليون لڳل آهن باقي 3 به بدترين تشدد جو نشانو بڻيل آهن
ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڌاڙيلن وٽ باندي بڻايل 6 مغوين مان هڪڙي مغوي پھري تي ويٺل ڌاڙيل نٿو شر کي ننڊ اچڻ بعد انھي جو هٿيار کڻي سندس کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو
نٿو شر کي ماريندڙ مغوي بعد ۾ سڀني مغوين کي آزاد ڪرائي ڀڃڻ لڳا هئا ته ڌاڙيلن جي ساٿين سوين گوليون هڻي ٻن مغوين اڪرم ۽ ياسين کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن جو تعلق پنجاب جي علائقي سرگودھا ۽فيصل آباد سان هو
هن وقت تائين باقي مغوين کي علاج لاءِ اوٻاوڙو اسپتال آندو ويو وارثن جي اچڻ بعد لاش ۽ مغوين کي انهن حوالي ڪيو ويندو