رائونتي(ن پ و) رائونتي ويجهو پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان ڪاوڙ ۾ اچي سڳي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو
رائونتي ٿاڻي جي حد مسوا ڳوٺ ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان جاويد شيخ کي گهرڀاتين زال واپس ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو جنهن تان جهيڙو ٿي پيو
نوجوان جاويد شيخ فائرنگ ڪري ڏني گوليون لڳڻ سبب سڳو ڀاءُ سردار شيخ فوت ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ اسپتال کڻائي آهي جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو
پوليس موجب عورت جي مامري تان جهيڙو ٿيو آهي، لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون