رائونتي ويجهو گيس لائين گذارڻ ۽ معاوضو نه ملڻ تان احتجاج، لٺبازي، چڪريون، 4 ڄڻا زخمي

مارچ 17, 2025

رائونتي(ن پ ا) راونتي ويجهو ڳوٺ محمد پور ۾ پائيپ لائين جي ڪراسنگ ۽ معاوضو نه ملڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو، جنهن دوران گئس ڪمپني جي ملازمن رينجرز گهرائي ورتي، جنهن تي چڪريون ٿي پيون، لٺبازي ۾ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ يقين سميجو، فرمان شيخ، شاهد مهر، حليم ماروي شامل آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي سيد الاهي بخش شاهه، جندل ڏهر، معشوق ڏھر، لياقت ڏهر، نظام ڀٽو، عطا محمد ڀٽو، سائينڏنو چنو، هزارو ڪورائي ۽ ٻين چيو ته محمد پور ۾ اسان جي قبولي زمين آهي، جنهن مان سوئي سدرن گئس ڪمپني گئس پائيپ لائين گذاري پئي جنهن جو اسين معاوضو گهرون ٿا، جنهن تي گئس انتظاميا رينجرز جي مدد سان اسان کي زخمي ڪيو، هنن چيو ته اسان پرامن ڳوٺاڻا آهيون، اسان کي صرف پنهنجو حق ڏنو وڃي، جيستائين اسان کي پنهنجو حق نه ملندو اسان جو احتجاج جاري رهندو.

 

Leave A Comment