| رائونتي ويجھو آپريشن، پنجاب واسي 11 مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ |
رائونتي (ن پ ا) رائونتي ويجھو ڪچي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي 11 مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ايس ايس پي گهوٽڪي موجب مختلف ٿاڻن جي پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل ڪارروائي دوران عورتاڻي آواز، سستي گاڏين جي بهاني اغوا ڪيل 11 ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، بازياب ٿيلن ۾ مشتاق احمد، علمدار، حسن نواز، علي حسن ، منصب علي،6 محمد اسحاق، سليم جان ، محمد اعجاز، وارث خان، عبدالرشيد ،خضر حيات شامل آهن. جيڪي پنجاب جا رهواسي آهن.