رائونتي ويجھو پنجاب پوليس 2  ڄڻا فل  فراءِ ڪري ڇڏيا،  مقابلي  جي دعويٰ

رائونتي ويجھو پنجاب پوليس 2  ڄڻا فل  فراءِ ڪري ڇڏيا،  مقابلي  جي دعويٰ

رائونتي/اوٻاوڙو (نمائندن وٽان) رائونتي ڀرسان نور شاهه واري علائقي سنڌ- پنجاب دنگ وٽ پنجاب صادق آباد سي سي ڊي پوليس پاران مبينا  مقابلي ۾ 2 جوابدارن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي،سي سي ڊي پوليس موجب ته ڳجھي اطلاع تي ڏوهارين جو پنجاب جي علائقي صادق آباد کان پيڇو ڪندي سنڌ- پنجاب دنگ رائونتي ٿاڻي جي حد نور شاهه واري علائقي ۾ مقابلو ٿي پيو، نتيجي 2 جوابدار مارجي ويا، سندن ساٿي فرار ٿي ويا،  پوليس موجب مارجي ويلن جي سڃاڻپ ضلعي جھنگ واسي سيد علي رضا ۽ پرويز امين بلوچ طور ڪئي وئي،  پوليس موجب ته مارجي ويل جوابدارن خلاف پنجاب جي مختلف ٿاڻن تي ڦر چوري سميت ڪيترائي سنگين ڪيس داخل آهن، مارجي ويلن جا لاش سي سي ڊي پوليس رائونتي ٿاڻي تي کڻائي پوليس حوالي ڪري ڇڏيا. هوڏانهن ذريعن موجب  ته ٻنهي جوابدارن کي  پوليس پاران ڪجھه ڏينهن  اڳ  گرفتار  ڪيو ويو  هو، بعد ۾ کين مقابلو ڄاڻائي ماريو ويو،ٻي طرف 12 ڪلاڪن  بعد مارجي ويل رضامهدي جو لاش سندس  پيءُ مروت مهدي جي  حوالي ڪيو ويو،مارجي ويل جي پيءُ مروت مهدي جو چوڻ هو ته راولپنڊي جو ايم پي اي اسان مٿان ناراض رهندو هو، جنهن منهنجي پٽ کي 18 ڏينهن اڳ پنجاپ پوليس کان گرفتار ڪرايو هو، ميڊيا ذريعي خبر پئي ته منهنجي پٽ کي مقابلو ڄاڻائي ماريو ويو آهي.