رائونتي: پنجاب پوليس جو آپريشن، 2 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ
مارچ 24, 2025
رائونتي(ن پ ا) رائونتي ويجهو سنڌ پنجاب دنگ فتح پور وٽ ڪچي جي علائقي ۾ پنجاب پوليس ڏوهارين خلاف آپريشن دوران بدنام ڏوهاري شاهمير ڪوش ۽ حڪيم ڪوش کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي، آھي، پوليس موجب ڪچي ۾ آپريشن هلندڙ هو، آپريشن دوران پوليس جي فائرنگ ۾ 2 ڏوهاري شهمير ڪوش ۽ حڪيم ڪوش مارجي ويا، مارجي ويل ٻئي ڏوهاري ڪجھه مهينا اڳ ماڇڪو جي ڪچي ۾ پنجاب پوليس جي 12 اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث هئا، مارجي ويل ڏوهارين جا لاش ساٿي کڻي فرار ٿي ويا، پوليس پاران ڏوهارين جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي ڊاهي پٽ ڪري باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو.