| رائونتي ڪچي ۾آپريشن، 50 لک انعام يافته شاهو ڪوش سميت وڌيڪ 6 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ: انگ 10 ٿي ويو |
سکر/رائونتي/اوٻاوڙو(نمائندن وٽان) رائونتي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ ڳوٺ محبوب سيلرو ۽ ڳوٺ مير محمد ڌونڌو مٿان چڙهائي ڪندڙ شر ڌر جا 6 هٿياربندن کي ڊي آءِ جي سکر فصل عبدالله چاچڙ جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينهن به گهوٽڪي پوليس جي وڏي نفري ۽ رينجرز پاران گڏيل طور آپريشن ڪري وڌيڪ 6 ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد مارجي ويلن جوابدارن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو آهي، ۽ درجنين هٿياربندن کي زخمي ڪرڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي وئي آهي، مارجي ويل 8 جوابدارن جا لاش پوليس واقعي واري هنڌ تان کڻائي تعلقي اسپتال منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته 2 جوابدارن جا لاش پوليس کي نه ملي سگهيا، ان حوالي سان ڊي آءِ جي سکر رينج ڪيپٽن (ر) فيصل عبدالله چاچڙ چيو آهي ته حڪمتِ عملي جي نتيجي ۾ رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪيترن سالن کان رياست اندر رياست قائم ڪري بيگناهن ماڻهن تي ظلم ڪندڙ بين الصوبائي ڏوهاري آخرڪار رياستي آپريشن ۾ مارجي عبرت جو نشان بڻجي ويا آهن، آپريشن دوران مارجي ويل 8 ڏوهارين جي لاشن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، سمورا ڏوهاري سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف سنگين ڏوهن ۾ پوليس کي گهربل هئا، مارجي ويلن ۾ 13 سنگين ڪيسن ۾ گهربل، ٿاڻي جيوڻ شاهه ۾ پنج پوليس اهلڪارن ۽ آندل سندراڻيءَ ۾ ٻن پوليس اهلڪارن جي شهادت وارن ڪيسن ۾ گهربل سوبو عرف گونو ولد گلو (عرف بلو، گاهي شر)، 17 کان وڌيڪ سنگين ڪيسن، ٻن پوليس اهلڪارن جي شهادت واري ڪيسن ۾ اڪبر عرف اڪبري ولد قائم شر، 50 لک رپيا انعام يافته ڏوهاري، رحيم يار خان ۾ 12 پوليس اهلڪارن جي شهادت سميت 20 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل شاهنواز عرف شاهو ولد موج علي ڪوش، ٿاڻي بستي ۾ پنج پوليس اهلڪارن جي شهادت سميت ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ ملوث گهربل جاڳڻ ولد الله ودائو عرف وڌو ڪوش، ٿاڻي وسي جيوڻ شاهه ۾ پنج پوليس اهلڪارن جي شهادت سميت 21 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل غلام عرف غلامو ولد جانا عرف جانب شر، 8 کان وڌيڪ سنگين ڪيسن ۾ گهربل نذير ولد مانجهي شر، ٻن کان وڌيڪ سنگين ڏوهن ۾ ملوث غشو (غوشو) عرف گلشير ۽ قربان ولد وزير شر شامل آهن. ڊي آءِ جي سکر مطابق آپريشن دوران سنڌ ۽ پنجاب صوبي ۾ 20 کان وڌيڪ خطرناڪ ڏوهاري زخمي ٿيا آهن، جن مان ڪجهه انعام يافته به زخمي آهن، ترجمان مطابق ڊي آءِ جي سکر رينج جي اڳواڻي ۾ رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ وفاقي سول انٽيليجنس ادارا ۽ پاڪستان رينجرز سان گڏ آپريشن جاري آهي، جلد ڌوهارين کي مڪمل خاتمو آڻي علائقي ۾ امن بحال ڪيو ويندو.جڏهن ته ٻن جوابدارن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، زخمين ۾ سنهڙا شر، اصغر عرف مالي شر،الاهي شر ۽ ٻيا شامل آهن، ھوڏانھن مارجي ويل 8 هٿياربندن جا لاش گذريل 15 ڪلاڪن کان اسپتال ۾ پيل رهيا، 15 ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي اوٻاوڙو پنهنجي اڳواڻي ۾ کڻائي ڪچي طرف روانو ٿي ويو، مارجي ويل ڏوهارين جي لاشن کي ڀيا پوليس پڪٽ وٽ وارث عورتون حوالي ڪيا ويا.