| رائونتي ۾ آپريشن بعد ثنو شر جون پوليس کي ڌمڪيون، وڊيو وائرل |
رائونتي (ن پ ا) رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾جوابدا ثناءُ الله عرف ثنو شر جي گهر مٿان ڊرون ذريعي مارٽر گولا فائر ٿيڻ بعد جوابدار سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان جاري ڪيو آهي، وڊيو ۾ ثنو شر پوليس کي ڌمڪيون ڏيندي چوي ٿو ته اسان ڏوهاري ناهيون، پوليس بنا جواز اسان جي گهرن تي مارٽر گولا فائر ڪري نقصان پهچايو آهي، هن ايس ايس پي گهوٽڪي کي ڌمڪيون ڏيندي چيو ته هاڻي پوليس سان جھيڙو ڪيو ويندو، متان پوليس سمجھي ته اسان ڪمزور ٿي ويا آهيون.