| رائونتي ۾ سيلرا، ڌونڌو-شر تڪرار تان قتل 4 ڄڻن جو ڪيس داخل: گرفتاري نه ٿي |
اوٻاوڙو(ن پ ا) هڪ ڏينهن اڳ شر ڌر جي هٿياربندن ڳوٺ محبوب سيلرو تي چڙهائي سيلرا ڌر جي 4 ڄڻن کي قتل ۽ 10 ڄڻن کي زخمي ڪيو هو، قتل ۽ زخمين جو ڪيس رائونتي ٿاڻي تي ايوب سيلرو جي فرياد تي 45 ماڻهن سڃاتل ۽ 5 اڻسڃاتلن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾عبدالحميد، ممتاز، عبدالرزاق ٽئي پٽ ڪرمڻ شر جا مهراب پٽ احمدالدين شر ويٺل ٻيروٽا لڳ ڏهرڪي، اڪبر عرف اڪبري شر ميلائو شر، شملو، محمد مراد عرف ڏاڏو ٽئي پٽ جوت علي ڪوش جا، نظير شر، علي نواز عرف گڊو، جبار، محب علي ڪوش، صوبو شر، غلام ولد جانڻ شر، روشن تڙت، اصغر تڙت، پهلوان تڙت، شهزادو شر، ظهور شر، نيڪ شر کي نامزد ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مارجي ويل عمر شر ۽ علي محمد شر جو پلاند ڪرڻ لاءِ اسان مٿان شهزادو شر جي بڇ تي حملو ڪيو ويو، ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ شر- سيلرا ۽ ڌونڌو تڪرار تان 6 ڄڻا قتل ۽ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.