رائونتي ۾ شر-ڌونڌو، سيلرا تڪرار ۾ مارجي ويل 2 ڄڻن جو ڪيس داخل

رائونتي ۾ شر-ڌونڌو، سيلرا تڪرار ۾ مارجي ويل 2 ڄڻن جو ڪيس داخل

اوٻاوڙو(ن پ ا) رائونتي جي ڪچي ۾  شر،ڌونڌو ۽ سيلرا تڪرار ۾ مارجي ويل علي گوهر ڌونڌو ۽ اياز ڌونڌو جو الله وڌايو ڌونڌو جي فرياد تي 16 جوابدار سڃاتل ۽ 3 اڻسڃاتلن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو،  ڪيس ۾ شر ۽ تڙت برادري جي ماڻهن کي نامزد  ڪيو ويو، ڪيس ۾ موريو شر،عابدشر، اختر شر،بخشو شر ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو آهي، فريادي ڄاڻايو آهي ته زرعي زمين تي بيٺل هياسين ته مخالفن حملو ڪري فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن ۾ اسان جا ٻه ماڻهو ٿڏي تي مارجي ويا ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.