| رائونتي ۾ هڪ ڪروڙ انعام يافته راڻو شر سميت ڌاڙيل سرينڊر لاءِ تيار: معاهدو: شرط قبول |
ميرپورماٿيلو (ن پ ا) هڪ ڪروڙ انعام يافته ڌاڙيل راڻو شر وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ رائونتي جي ڪجهه ڌاڙيلن جو لکت ۾ معاهدو ٿيو آهي، جڏهن ايس پي گهوٽڪي چاهيندو ته هو پوليس وٽ پيش ٿي ويندا، هن چيو ته هاڻ پوليس چوڪين مٿان ڪو به حملو نه ڪيو ويندو. گهوٽڪي پوليس ترجمان موجب حڪومت اشتھاري جوابدارن سان تحريري معاھدو طئي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، حڪومت طرفان اشتھاري جوابدارن کي مختلف ڪيسن ۾ قانوني رعايت ڏني ويندي، جڏهن ته اشتھاري جوابدار سرڪاري شرطن کي قبول ڪري ورتو آهي. پوليس ترجمان موجب معاھدي تحت پوليس کي لاڳاپيل علائقن ۾ آزاداڻي گشت جي اجازت هوندي، مقامي ماڻهو پوليس جي سيڪيورٽي جا ذميوار هوندا. بدلي ۾ پوليس انهن علائقن ۾ بڪتر بند گاڏيون استعمال نه ڪندي، پوليس ترجمان موجب هٿيار ڦٽا ڪندڙ جوابدار ڪنهن به ٻئي قبيلي يا گينگ جي اشتھاري جوابدارن کي پناهه نه ڏيندا، خاص طور تي انڍڙ، لولائي يا جاگيراني گينگ سان واسطو رکندڙ اشتھاري ماڻهن کي پناهه ڏيڻ تي مڪمل پابندي هوندي.ان کانسواءِ هني ٽريپ ۽ ڀنگ خاطر اغوا ۾ ملوث ڏوھارين خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي لاڳو ڪئي ويندي. هٿيار ڦٽا ڪندڙ جوابدار يا انهن جا مائٽ اهڙن ماڻهن بابت فوري طور پوليس کي اطلاع ڏيڻ جا پابند هوندا.سڀئي شرطون تحريري معاھدي ۾ شامل ڪيون ويون آهن.