رائونتي ۾ پراڻي تڪرار تان حملا: اهلڪار سوڌو 7 ڄڻا قتل: پوليس آپريشن، 4 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ

رائونتي ۾ پراڻي تڪرار تان حملا: اهلڪار سوڌو 7 ڄڻا قتل: پوليس آپريشن، 4 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ

رائونتي/اوٻاوڙو(نمائندن وٽان) رائونتي ۾ پراڻي تڪرار تان حملا، اهلڪار سوڌو 7 ڄڻا قتل، 16زخمي، پوليس آپريشن،4 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ، رائونتي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ شر،سيلرا ۽ ڌونڌو برادري جي ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان هڪ ڌر جي هٿياربندن ڳوٺ محبوب سيلرو تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب 6 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته عورت سميت 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن ۾ سيلرا ڌر جا 4 ڄڻا صوبو سيلرو، ابراهيم سيلرو، عبدالحميد سيلرو ۽ حاجي حنيف شامل آهن، جڏهن ته ڌونڌو ڌر جا 2 ڄڻا علي گوهر ڌونڌو ۽ اياز ڌونڌو مارجي ويلن ۾ شامل آهن، فائرنگ ۾ دلبر ڌونڌو، عظيم سيلرو، ڄام سيلرو، نديم سيلرو، منظور سيلرو عبدالقيوم سيلرو، قائم سيلرو، ارباب ڌونڌو، نسرين سيلرو سميت 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فائرنگ سبب زخمي ۽ مقتولن جا لاش هڪ ڪلاڪ تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا، جنهن بعد مقامي ماڻهن پهچي زخمي ۽ مقتولن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مقتولن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، هوڏانهن اطلاع باوجود پوليس 5 ڪلاڪن بعد واقعي واري هنڌ پهتي، جڏهن ته ڌرين ۾ 10 ڪلاڪن تائين فائرنگ هلندي رهي، علائقي ۾ راڪيٽ لانچر فائر ڪيا ويا، جنهن سبب  علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو، ان حوالي سان سيلرا ڌر جو چوڻ هو ته شر برادري جي 100 کان وڌيڪ هٿياربندن ڳوٺ محبوب سيلرو جي چڙهائي ڪري انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي م اسان جا 6 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن، وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف پوليس جوابدارن  خلاف آپريشن ڪيو، آپريشن دوران پوليس پڪٽ تي حملو ڪري ڏنو، فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار امجد علي ڊرگ شهيد ٿي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين خليل احمد لغاري ۽ زوار حسين بوهڙ شامل آهن. زخمي پوليس اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻي طرف ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس جي بروقت ڪارروائي دوران راونتي ۾ 4 کان 5 ڌاڙيل مارجي ويا، جن جا لاش واقعي واري هنڌ تي پيل آهن. مارجي ويلن جي سڃاڻپ بابت اڃا ڪا به تصديق نه ٿي سگهي آهي. پوليس کي وڏي ڪاميابي ملي آهي، علائقي ۾ آپريشن جاري آهي. شر برادري جي هٿياربندن ڳوٺ مٿان حملو ڪري بي گناھ ماڻهن کي نشانو بڻايو. جڏهن ته پوليس مقابلي ۾ 4 ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ذريعن موجب مارجي ويلن ۾ مبينا طور  ڌاڙيل غلام شر، قربان شر، نظير شر ۽ اڪبر شر شامل آهن.

شر-سيلرا ۽ ڌونڌو تڪرار ۾ 100 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع
رائونتي/اوٻاوڙو: شر- سيلرا ۽ ڌونڌو پراڻو خوني تڪرار گذريل 30 سالن کان هلندڙ آهي، تڪرار ۾ ٽنهي ڌرين جو  100 کان وڌيڪ جاني نقصان ٻڌايو پيو وڃي، گذريل 30 سالن دوران سيلرا برادري جا 40 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن، جڏھن ته شر برادري جا 45 کان وڌيڪ جوان قتل ٿي چڪا آهن، ۽ ڌونڌو برادري 25 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويلن ۾ شامل آهن.
 
ڌرين طرفان هڪٻئي جو گهيراءُ، ڇتي فائرنگ،4 ڌاڙيل مارجي ويارائونتي/اوٻاوڙو: ذريعن موجب ته شر ڌر جا هٿياربند جنهن ۾ انعام يافته ڏوهاري 30 کان وڌيڪ هڪ ڪوٽ اندر سيلرا برادري جي گهيري هيٺ آيل آهن، سڄو ڏينهن ڪوٽ مٿان فائرنگ جي ڏي وٺ هلندي رهي، جنهن ۾ 4 ڌاڙيل مارجي ويا، ڪوٽ مٿان جوابدارن جو قبضو برقرار آهي ۽ ٻاهران سيلرا ۽ ڌونڌو ڌر جا ماڻهو ويٺل آهن، مارجي ويل انعام يافته ڏوهارين جي لاشن کي پوليس بڪتر بند گاڏي ذريعي کڻڻ لاءِ چڙهائي ڪئي ته ڪوٽ تي ويٺل هٿياربندن بڪتر بند گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار امجد ڊرگ شهيد ٿي ويو ۽ ٻه پوليس اهلڪار خليل لغاري ۽ زورار بوهڙ زخمي ٿي پيا .
 
شهيد پوليس اهلڪار جي جنازي نماز ادا، اعزاز سان تدفين
 ميرپورماٿيلو: رائونتي ڪچي ۾ شهيد ويل پوليس اهلڪار جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، شهيد ٿيل پوليس اهلڪار امجد علي جي جنازي نماز ايس پي آفيس ميرپورماٿيلو ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله، ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي، ۽ ٻين سينئر آفيسرن ۽ پوليس اهلڪارن شرڪت ڪئي. جنازي نماز کان پوءِ پوليس جي دستي طرفان شهيد اهلڪار کي سلامي پيش ڪئي وئي.
 
ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو ڏوهارين جي گينگز خلاف آپريشن
 رائونتي/اوٻاوڙو: شر، سيلرا ۽ ڌونڌو ڌرين ۾ جھيڙي دوران 6 ڄڻن جي مارجي وڃڻ بعد ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ اڳواڻي ۾ گهوٽڪي پوليس ۽ رينجرز طرفان شر گينگز جي ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو ويو، آپريشن دوران ڏوهارين پوليس تي ڇتي فائرنگ ڪري ڏني، پوليس پڪٽ تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار امجد علي ڊرگ شهيد ٿي ويو، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين خليل احمد لغاري ۽ زوار حسين بوهڙ کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي کانپوءِ پوليس وڌيڪ نفري طلب ڪري ورتي.