رائونتي: 5 اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث انعام يافته بدنام ڌاڙيل ثناءُ الله شر گرفتار
نومبر 6, 2023
ميرپورماٿيلو/ رائونتي (نمائندن وٽان) گھوٽڪي پوليس بدنام ڌاڙيل ثناءُ الله عرف ثنو شر کي رائونتي واري ڪچي مان مبينا مقابلي بعد گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي
بدنام ڌاڙيل کي پوليس جي سخت پھري ۾ ايس ايس پي آفيس آندو ويو، ايس پي انور کيتران پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته بدنام ڌاڙيل ثناءُ الله شر کي رائونتي ڪچي مان مقابلي بعد ڪلاشنڪوف سميت گرفتار ڪيو ويو آھي سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا آھن
ايس ايس پي موجب ته ثناءُ الله عرف ثنو شر مٿان ھڪ ڪروڙ انعام جي سفارش ٿيل ھئي مٿس 20 کان وڌيڪ سنگين نوعيت جا ڪيس داخل آھن، ڌاڙيل ھڪ سال اڳ رائونتي ۾ شھيد 4 پوليس اھلڪارن جي شھادت ۾ واري ڪيس ۾ گھربل ھو، جنھن ۾ ھڪ ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو، 2 ايس ايچ اوز ۽ 2 اھلڪار شھيد ڪيا ويا ھئا
ٻي طرف ثناءُ الله شر گرفتاري بعد ٻڌايو ته ھن کي پوليس مقابلي بعد گرفتار ڪيو آھي ھو ڪيسن کي منھن ڏيڻ بعد شرافت واري زندگي گذارڻ چاھي ٿو
ھن چيو ته ٻين ڌاڙيلن کي چوان ٿو ته ھو پوليس وٽ پيش ٿين ،ياد رھي ته ڌاڙيل ثناءَ الله شر پاڻ کي ڌاڙيلڻ جو ترجمان سڏرائيندو، سوشل ميڊيا تي پوليس آفيسرن کي ڌمڪيون ڏيندو رھيو آھي، ڌاڙيلن مغوين جا وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري چڪو.