رابطا برقرار رکنداسين: ڀارت جو بنگلاديش کي جواب

رابطا برقرار رکنداسين: ڀارت جو بنگلاديش کي جواب

نئين دهلي(م ڊ) شيخ حسينه واجد کي موت جي سزا ٻڌائڻ کان پوءِ ڀارت بنگلاديش جي حوالگي جي درخواست جو جواب ڏيندي چيو آهي ته اسان ان سلسلي ۾ سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان تعميري رابطا برقرار رکنداسين. ڄاڻان ٿو ته بنگلاديشي ٽربيونل شيخ حسينه خلاف پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. ڀارت حوالگي جي درخواست تي واضح موقف اختيار نه ڪيو. بهرحال، ڀارت جي پرڏيهي آفيس چيو ته هڪ ويجهي پاڙيسري جي حيثيت سان ڀارت پنهنجي بهترين مفاد ۾ بنگلاديش ۾ جمهوريت، امن، شموليت ۽ استحڪام لاءِ پرعزم آهي.