| رابطو ڪري آمريڪي جهاز به هرمز مان گذري سگهن ٿا: ايران |
تهران (م ڊ) ايراني نائب پرڏيهي وزير سعيد خطيب زاده مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دشمني وارو رويو نه رکيو وڃي ته آمريڪي سامونڊي جهاز به هرمز کاڙي مان گذري سگهن ٿا سعيد خطيب زاده چيو ته هرمز کاڙي کليل آهي، ٽيڪنيڪل سببن جي ڪري ايراني فوج سان رابطو رکڻ ضروري آهي، هرمز کاڙي مان محفوظ رستن ذريعي سفر کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته هرمز کاڙي جو بين الاقوامي شپنگ چينل ايران ۽ عمان جي علائقائي پاڻيءَ تي ٻڌل آهي، ٻنهي ملڪن ماضي ۾ نيڪ نيتي تحت جهازن کي محفوظ رستو فراهم ڪيو آهي، ايران چاهي ٿو ته هرمز کاڙي هڪ پرامن گذرگاهه رهي، رستي کي جنگي جهازن جي غلط استعمال کان بچائڻ لاءِ ايران کي عمان ۽ عالمي برادري سان گڏجي واضح طريقيڪار تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.