| رات جو جيل جا در کلي ويا: بيرسٽر سيف جي عمران سان ملاقات |
راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي سينيٽر، ڪي پي جي اڳوڻي صوبائي صلاحڪار ۽ پرويز مشرف جي اڳوڻي ساٿي بيرسٽر محمد علي سيف اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب بيرسٽر سيف گذريل رات اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بيرسٽر سيف پي ٽي آءِ ۽ ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي باني جي صحت تي به بحث ڪيو ويو.