“رات 12 وڳي کانپوءِ ڪير گهران نه نڪري”: مٽياري پوليس جو حڪم

آڪٽوبر 7, 2023

مٽياري (رپورٽر) ضلعي هيڊ ڪوارٽر شهر مٽياري واسين لاءِ پوليس نئون نادري حڪم جاري ڪندي ڪالهه رات شهر جي مک مين بس اسٽاپ تي قائم سمورو ڪاروبار، هوٽلون وغيره بند ڪرائي شھرين کي 12 وڳي کانپوءِ گهران نه نڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي

 پوليس زبردستي هوٽلون بند ڪرائي هوٽلن تي ويٺل شهرين کي چيو ته رات 12 وڳي کانپوءِ ڪير به گهران نه نڪري ڏوهه ٿين ٿا انهن تي ائين ئي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو

 هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ چورين، ڦرن جو آزار وڌي وڃڻ ڪري ضلعي ھيڊڪوارٽر واري پوليس اهو طئي ڪيو آهي ته شهر جون هوٽلون رات دير تائين کلڻ ڪري چور چڪا به اچي هوٽلن تي ويهن ٿا ۽ رات دير ويندي ويندي چوري، ڦر ڪري وڃن ٿا ان لاءِ هوٽلون ۽ ڪاروبار بند ڪرايو ويندو ته جئين ڏوهن تي ڪنٽرول ڪري سگهجي

 ٻئي طرف پوليس اهڙي نادري حڪم تي شهرين پنهجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته شهر ۾ ڪا به تفريح وغيره ناهي، سڄو ڏينهن پنهجو ڪم ڪار ڪريون ٿا رات جا ڪجهه پهر پاڻ ۾ دوست گڏجي ڪا چانهن جي چسڪي هڻڻ لاءِ هوٽل تي وڃي ويهون ٿا، سا به پوليس ويهڻ نه ٿي ڏي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي

 هوٽل مالڪن ۽ دوڪاندار جو چوڻ آهي ته شهر جي رونڪ ئي انهن هوٽلن ۽ ڪجهه دوڪانن سان آهي جيڪي رات دير تائين کليل هوندا آهن سي به پوليس پنهنجي ڪوتاهي ۽ نااهلي لڪائڻ لاءِ بند ڪرائي ڇڏيو آهي اسان جي ڪاروبار سان ڪيترن ئي ماڻهن جو روزگار سلهاڙيل آهي اڳ ئي مهنگائي سبب ماڻهو تمام گهڻا پريشان آهن مٿان وري پوليس جي اهڙي نادر حڪم پريشان ڪيو آهي، ڊي آئي جي حيدرآباد ان معاملي جو نوٽيس وٺي

Leave A Comment