راجا عمر خطاب ڊي ايس پي سي ٽي ڊي انٽيليجنس مقرر
مارچ 4, 2025
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ۾ ڊي ايس پيز جون مقرريون ۽ بدليون، آءِ جي سنڌ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب راجا عمر خطاب کي ڊي ايس پي سي ٽي ڊي انٽيليجنس، يعقوب ٻرڙو کي ايس ڊي پي او لاکاٽ، اشفاق باجوا کي ايس ڊي پي او سڪرنڊ، موسا ابڙو کي ايس ڊي پي او پنو عاقل، عبدالستار ڦل کي ايس ڊي پي او منڊو ديرو، عبدالستار گرگيز کي ايس ڊي پي او ٽنڊو آدم ۽ ممتاز بگٽي کي ڊي ايس پي ڪمپلينٽ سيل نوشهروفيروز مقرر ڪيو ويو.