راجيش کنا سلمان خان کي ٺڳ سمجهندو هو

راجيش کنا سلمان خان کي ٺڳ سمجهندو هو

 ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سلطان سلمان خان  ڀارتي سينيما جي پهرئين سپر اسٽار راجيش کنا جو بنگلو خريدڻ لاءِ سندس فلمن ۾ مفت ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي. ميڊيا رپورٽن موجب 1960 جي آخر ۽ 1970 واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ سپر اسٽار راجيش کنا جڏهن مالي پريشانين ۾ گهيريل هو، تڏهن سلمان خان سندس مشهور بنگلو “آشيرواد“ خريدڻ ۽ سندس فلمن ۾ بنا معاوضي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي پر راجيش کنا سلمان جي  نيت تي شڪ ڪندي کيس ٺڳ قرار ڏيندي چيو ته ” سلو مون کي بي گهر  ڪرڻ چاهي ٿو.“
راجيش کنا 70ع واري ڏهاڪي اهو بنگلو اداڪار راجندر ڪمار کان ساڍا 3 لکن خريد ڪيو هو. راجيش کنا جو خيال هو ته سلمان خان بنگلو خريد ڪري کيس مالي ۽ سماجي طور هيڻو ڪرڻ چاهي ٿو.واضح رهي ته 70ع واري ڏهاڪي ۾ راجيش کنا جو ستارو لهڻ شروع  ٿي ويو هو، اميتاب زنجير، شعلي ۽ ديوار ذريعي سندس جاءِ والاري چڪو هو.راجيش کنا تي لکيل ڪتاب ”ڊارڪ اسٽار: دي لونلي نيس آف راجيش کنا“ جي ليکڪ گوتم چنتاماڻي جو چوڻ آهي ته ”سلمان خان پنهنجو ڀاءُ سهيل خان لاءِ راجيش کنا جو بنگلو خريد ڪرڻ لاءِ  پرڪشش آڇون ڪيون، هن ڪاڪا کي  انڪم ٽيڪس جون رهتون پڻ ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائڻ سان گڏ اداڪار جي ڪنهن به فلم ۾ بنا معاوضي ڪم ڪرڻ جي آڇ پڻ ڪئي.“ راجيش کنا اهو بنگلو  وڪرو نه ڪيو،  انهي  ئي گهر ۾ اڪيلو گهاريندي ديهانت ڪري ويو، کنا جي لاڏاڻي کانپوءِ بنگلو وڪرو ٿيو، اڄ اتي گهڻ ماڙ عمارت ٺهي چڪي آهي.