ڀارتي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه جي تڪراري بيان جو ھندستان ۾ رھندڙ ھندو سنڌين جي سياست سان گھرو تعلق آھي. 23 نومبر تي ھندستان جي راڄڌاني دھلي ۾ ھندستان جي سنڌين جي ھڪ تنظيم وشوا سنڌي ھندو فائونڊيشن آف ايسوسيئشن جي سنڌي سماج سميلن کي خطاب ڪندي راج ناٿ اھو بيان ڏنو آھي ته اڄ سنڌ جي ڌرتي ڀلي ڀارت جو حصو نه هجي، پر تهذيبي طور سنڌ هميشه هندستان جو حصو رهندي. جيستائين زمين جو سوال آهي، سرحدون بدلجي سگهن ٿيون. ڪير ڄاڻي ٿو، شايد سڀاڻي سنڌ ٻيهر هندستان ۾ واپس شامل ٿي وڃي. پنھنجي تقرير دوران انھيءَ بيان کان ٿورو اڳ راج ناٿ سنگھ، لال ڪرشن آڏواڻي جي ھڪ پستڪ جو حوالو ڏيندي وڌيڪ چيو ته سنڌي ھندو، خاص طور تي سندس پيڙھيءَ وارا سنڌي ھندو اڄ به سنڌ کي ڀارت کان الڳ ڪرڻ جي ڳالھ کي قبول ڪري ڪونه سگھيا آھن.
اسان کي اھو به نه وسارڻ گھرجي ته ھندستان جو بچاءُ وارو وزير راج ناٿ اھڙا بيان ڪھڙي ماحول ۾ ڏيئي رھيو آھي. مئي جي مھيني ۾ ھندستان ۽ پاڪستان ھڪ ٻئي سان ننڍي جنگ وڙھي چڪا آھن ۽ نريندر مودي جي حڪومت مطابق آپريشن سندور ختم نه آھي ٿيو، بلڪہ اڃا ھلندڙ آھي. تازو ئي 30 آڪٽوبر کان 10 نومبر تائين ھندستان سنڌ جي سرحدن ويجھو گجرات ۽ تڪراري سر ڪريڪ جي علائقي ۾ ترشول جي نالي سان پنھنجي زميني، ھوائي ۽ سامونڊي فوجن جون گڏيل مشقون ڪري پاڪستان کي ٻئي جنگ جي تياري جا سانباھا ڪرڻ جا اشارا ڏيئي چڪو آھي.
ترشول مشقن دوران راج ناٿ سنگھ ھڪ ٻيو انتھائي تڪراري بيان پڻ ڏنو ھو، جنھن ۾ ھن ڪراچي تي حملي جو امڪان ظاھر ڪندي چتاءُ ڏيندي چيو ھو ته پاڪستان کي 1965ع واري جنگ نه وسارڻ گھرجي، جڏھن ھندستان جون فوجون لاھور پھتيون ھيون ۽ سر ڪريڪ جو رستو ڪراچي ڏانھن وڃي ٿو. انھيءَ سڄي ماحول کي ڏسندي ھي بيان تمام گهڻو تڪراري بڻجي وڃي ٿو ۽ سنڌ جي تمام سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران انھيءَ بيان جي کليل لفظن ۾ مذمت تمام ضروري ھئي، جيڪا ٿي به رھي آھي.
سوچڻ جي ڳالھ اھا به آھي ته راج ناٿ اھڙي بيان ڏيڻ لاءِ سنڌي سماج سميلن جي گڏجاڻي جي چونڊ ڇو ڪئي؟ انھيءَ جو ھڪ مڪمل پسمنظر آھي. ھندو سنڌين سان بي جي پي جو تعلق صرف لال ڪرشن آڏواڻي تائين محدود نه آھي، بلڪ انھيءَ ڪھاڻيءَ جي شروعات ھندن جي انتھاپسند تنظيم راشتريـ سويمسيوڪ سنگھ يعني ار ايس ايس جي 1940ع کان پوءِ سنڌ اندر وڌندڙ سرگرمين سان ڳنڍيل آھي. راج ناٿ پڻ پنھنجي ساڳي تقرير ۾ آر ايس ايس جي سنڌي ھندن جي سنڌ مان لڏپلاڻ ۾ سھائتا جو ذڪر وڏي فخر سان ڪيو آھي. ھندستان جي مشھور ليکڪا ريتا ڪـوٺاري پنھنجي ھڪ ريسرچ آرٽيڪل ۾ لکي ٿي ته آر ايس ايس جي 21 جوانن جو شڪارپور ۾ ھڪ جٿو جوڙيو ويو ھو، جنھن جو ھڪڙو ڪم سنڌي ھندن کي لڏپلاڻ ۾ مدد ڪرڻ ھو ۽ ٻيو ڪم ويندي ويندي حڪومت جي ڪجھ ملڪيتن کي تباھ ڪرڻ ھو. 14 اگسٽ تي شڪارپور ڪالوني بم ڪيس، جنھن ۾ لال ڪرشن آڏواڻي پڻ نامزد ھو، انھيءَ سلسلي جي ئي ڪڙي ھئي. ڪوٺاري پنھنجي آرٽيڪل ۾ آڏواڻيءَ کان علاوہ ڪي آر ملڪاڻي ۽ جھمٽمل وڌواڻي جو پڻ ذڪر ڪيو آھي، جيڪي انھيءَ شڪارپور ڪالوني بم اسڪواڊ جو حصو ھئا ۽ بعد ۾ آر ايس ايس ۽ بي جي پي جي تمام وڏن اڳواڻن ۾ ڳڻيا وڃن ٿا.
آر ايس ايس ۽ ڀارتيه جنتا پارٽي سان سنڌي ھندن جو تعلق 1940ع کان وٺي اڄ تائين تمام گھرو رھيو آھي. انھيءَ جو اندازو ھن ننڍڙي تقريب ۾ ٿيندڙ تقريرن مان واضح طور تي لڳائي سگھجي ٿو. سڄي تقريب يوٽيوب تي ڏسڻ لاءِ موجود آھي. ھن تقريب ۾ اھو پڻ وڏي واڪي ٻڌايو ويو ته ھندستان ۾ ڪيئن سنڌي ھندن کي ھندستان اندر آباد ڪرڻ لاءِ ۽ مڪمل شھري حق ڏيڻ لاءِ سي اي اي جو بدنام زمانه قانون آندو ويو آھي. ھي اھو قانون آھي، جيڪو سنڌ مان لڏي ايندڙ نون ھندو سنڌين کي ته ھندستان جي شھريت جو حق ڏيئي ٿو پر ساڳئي وقت سوين سالن کان ھندستان ۾ رھندڙ مسلمانن کان شھريت جو حق کسي ٿو.
سنڌي ھندن جي اڄ به اکنڊ ڀارت جي نظريي سان جڙيل ھجڻ جو اندازو سندن تازو الھاس نگر ممبئي واري موٽر سائيڪل ريلي دوران تقريرن مان به لڳائي سگھجي ٿو. ڪجھ عرصو اڳ ھندستان جي رياست ڇتيس ڳڙھ جي ھڪ لوڪل سياسي اڳواڻ اميت بگھيل ھندو سنڌين کي پاڪستاني سڏيو ھو ۽ جھولي لال کي پڻ مڇلي والا ڀڳوان چئي بيحرمتي ڪئي ھئي. ھڪ وائرل وڊيو ۾ سنڌي نوجوان ريلي دوران اميت بگھيل کي جواب ڏيندي چوي ٿو: “ھم ڪڀي پاڪستان ڪي رھواسي رھي ھي نھين ھين، ھم اکنڊ ڀارت ڪي رھواسي ٿي. ھماري آبا و اجداد سناتن ڌرم ڪي ليي اپني پرکون ڪي زمين بليدان ڪر ڪي يھان آگئي. اور تو ھمين پاڪستاني بولي گا ابي. ابي تو اپني شھر مين تو گھوم ڪي دکا. تجھي تيري ھي شھر ۾ ڀگوڙا ڪر ديا. يه ھئي سنڌي ڪميونٽي”.
ھندستان اندر رھندڙ ھندو سنڌين جي ھندوتوا ۽ اکنڊ ڀارت جي نظريي سان عقيدت ۽ سندن انتھاپسند سوچ کي سمجھڻ سنڌ جي عوام لاءِ اڄ تمام ضروري آھي. ٿي سگھي ٿو ته اسانجي ڪجھ دوستن کي راج ناٿ جي تقرير ۾ ھيمو ڪالاڻي جو وڏي پاٻوھ سان ذڪر ۽ لال ڪرشن آڏواڻي جي پستڪ مان سنڌو نديءَ جي پاڻي جي پاڪائي کي آب زم زم جي پاڻي سان ڀيٽا تمام گهڻي پسند اچي پر اسان کي اھو سمجھڻ گهرجي ته ھندستان جي ھندو سنڌي لاءِ جيڪو بي جي پي جو سپورٽر آھي، سنڌي مسلمان لاءِ به ساڳي نفرت آھي، جيڪا ھو باقي مسلمانن لاءِ پنھنجي دل ۾ سانڍي رکي ٿو. اسان کي اھو به سمجھڻ گھرجي ته راج ناٿ سنگھ يا لال ڪرشن آڏواڻي جھڙا ھندو سنڌي اڳواڻ سنڌ کي ھندستان ۾ شامل ڪرائڻ جا خواب موجودہ سنڌ جي مسلمان اڪثريتي عوام جي حڪمراني لاءِ نه بلڪ سنڌ تي ھندو سنڌين جي غلبي لاءِ ڏسن ٿا.
اھا ھڪ تاريخي حقيقت آھي ته سنڌ اسيمبلي ڏکڻ ايشيا جي اھا پھرين صوبائي اسيمبلي ھئي، جنھن مان 1943ع ڌاري پاڪستان جي قيام لاءِ قرارداد پيش ٿي ھئي. سنڌ پاڪستان جي وفاق ۾ پنھنجي خوشي سان شامل ٿي ھئي ۽ سنڌ کي پاڪستان ۾ /ڏسو صفحو 5 بقايا 01
شامل ڪرڻ جي قرارداد پيش ڪرائڻ ۾ سائين جي ايم سيد جو مک ڪردار ھو. اھا ٻي ڳالھ آھي ته بعد ۾ سائين جي ايم سيد سنڌو ديش جو نعرو به ھنيو. پر اڄ به سنڌين جي تمام وڏي اڪثريت پاڪستان جي وفاق اندر رھندي سنڌ جي حقن وٺڻ لاءِ جدوجھد ۾ يقين رکي ٿي، جنھن جو ھڪڙو ثبوت اھو به آھي جو سائين جي ايم سيد جا پوٽا سيد جلال محمود شاھ ۽ سائين زين شاھ اڄ پاڪستان جي پارلياماني سياست جو حصو آھن.
(ليکڪ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي)