| راج ڪپور جي پشاور واري حويلي جي ڀت پٽ پئجي وئي |
پشاور (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ليجنڊ راج ڪپور جي پشاور واري تاريخي حويلي جي ڀت جو هڪ حصو ڊهي پٽ پئجي ويو، ان ڏس ۾ پشاور جي قصه خواني بازار ۾ ڪپور خاندان جي حويلي کي تازين برساتن ۽ زلزلي سبب نقصان پهتو آهي.برسات کان ٿوري دير بعد آيل زلزلي سبب راج ڪپور جي حويلي جي ڀت جو هڪ حصو ڪري پيو. حڪومت راج ڪپور جي حويلي کي قومي اثاثو قرار ڏنو هو