| راحت فتح علي خان جي لاڏلي ڪڪي ماهين جي رخصتي |
لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) عالمي شهرت يافته ڳائڻي استاد راحت فتح علي خان جي لاڏلي ڪڪي ماهين خان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي، سندس نڪاح، ونواهه، رخصتي ( موڪلاڻي) جا مرحلا هڪ هفتي ۾ مڪمل ٿيا، انهي شاندار ڪاڄ ۾ ماهين خان جي ويجهن مائٽن، ساهيڙين ۽ شوبز جي شخصيتن شرڪت ڪئي، جن روايتي انداز ۾ ڀنگڙا هڻي خوشي جو اظهار ڪيو. ماهين خان جي شادي بابت سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي بحث مباحثو ٿيو، ماهين ڪنوار جي روايتي ڳاڙهي لباس ۾ تمام گهڻي خوبصورت لڳي رهي هئي، ونٽيج انداز جي ڳرن زيورن کيس چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هئا.گهوٽ ڪاري شيرواني، راحت فتح علي خان ۽ شهزمان خان سونهري شيرواني ۾ نظر آيا. رخصتي وقت راحت ۽ سندس گهر ڀاتي جذباتي ٿي ويا،