راحت فتح علي کي برطانوي پارليامينٽ ۾ خاص ايوارڊ

  راحت فتح علي کي برطانوي پارليامينٽ ۾ خاص ايوارڊ

 لنڊن (ڪچرل ڊيسڪ) عالمي شهرت يافته ڳائڻي راحت فتح علي خان ۽ سندس پٽ شاهه زمان خان کي برطانوي پارليامينٽ ۾ خاص ايوارڊن سان نوازيو ويو، ٻنهي فنڪارن انهي کي پنهنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز قرار ڏنو. تقريب ۾ پارليامينٽ ميمبرن طارق احمد، محمد ياسين ۽ افضل خان ۽ٻين شرڪت ڪئي. تقريب جا انتظام پاڪستاني ۽ بنگلاديشي موسيقار جوڙي ڪاشف راجا ۽ ربيعت جهان ڪيا هئا، انهي کان اڳ راحت فتح علي خان ۽ شاهه زمان خان لنڊن جي تاريخي رائل البرٽ هال ۾ شاندار پرفارمنس ڏئي ڀرپور داد ماڻيو ، ٻئي طرف راحت فتح علي خان چيو ته برطانوي پارليامينٽ ۾ ايوارڊ حاصل ڪرڻ سندس لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي، اها ڪاميابي سندس والدين جي دعا ۽ اڻٿڪ محنت جو نتيجو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو جلد ئي بنگالي ۾ پنهنجو نئون گانو جاري ڪرڻ وارو آهي، جنهن جو سندس مداح بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهن.