| راشد شاھه راشدي، صفدر عباسي ۽ ٻيا اڄ جتوئي هائوس پهچندا |
درياءَ خان مري: نيشنل پيپلز پارٽيءَ سنڌ جي نائب صدر ايڊووڪيٽ عبدالله ڪورائي چيو آھي ته دريا خان مري واقعي کانپوءِ فنڪشنل ليگ سنڌ جو نائب صدر سيد راشد شاھه راشدي، صفدر عباسي، معظم عباسي، حسنين مرزا ۽ ٻي قيادت اڄ جتوئي ھائوس پھچندي، جتان يڪجھتي طور ريلي جي صورت ۾ دريا خان مري پھچندي. ھن چيو ته درياءِ خان مري ۾ ٿيل ڪارروائي غير جمھوري ۽ غير قانوني آھي.