راشد مورائي قوم، ٻولي ۽  تعليم لاءِ زندگي ارپي: تاج جويو

  راشد مورائي قوم، ٻولي ۽  تعليم لاءِ زندگي ارپي: تاج جويو

مورو(ن پ ا) راشد مورائي يادگار ڪاميٽي طرفان سنڌ جي انقلابي شاعر راشد مورائي جي سالگرھ جي نسبت سان  تقريب ڪوٺائي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي وئي، تقريب کي ناليواري  اديب تاج جويو، ارشاد اوٺو، تابش بخاري، سيد منظور شاھ، سيد مختيار شاھ خطاب ڪندي چيو ته  راشد مورائي ادارو ھو، جنھن اداري مان ڪيترائي نوجوان پڙھي سمجھي سبق سکي ٻاھر نڪتا آھن راشد مورائي قوم، ٻوليءَ، تعليم، سماج لاءِ زندگي وقف ڪئي ۽ ڏاڍ سان اٽڪندو رھيو. ھنن چيو ته  راشد مورائي جي سنڌ، ماروئڙن ۽ جھانگيئڙن لاءِ ڪيل شاعري ۽ لکڻين کي اجاگر ڪندي پنھنجو فرض نڀائيندا رهنداسي. تقريب ۾ ناليواري فنڪار خادم سمون راشد مورائي جي شاعري ڳائي محفل کي سوڳوار ڪري ڇڏيو.