راضيديرو: جتوئين جي 3 ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو نبيرو، 26 خون ثابت، 7 ڪروڙ ڏنڊ
جنوري 27, 2025
لاڙڪاڻو/راضيديرو(نمائندن وٽان) راضيديرو ويجهو ڪچي جي علائقي ۾ جتوئي برادري جي ٽن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار جو نبيرو، مجموعي طور 26 خونن جو ٽنهي ڌرين مٿان 7 ڪروڙ ڏنڊ، 2 مردن ۽ هڪ عورت جي خون ۽ مال جي ساک مقرر، اڳرائي ڪندڙ ڌر 50 لک ڏنڊ ڀريندي، ڌريون کير کنڊ، رپورٽ موجب راضيديرو جي ڪچي ۾ جتوئي برادري جي ٽن ڌرين شبير جتوئي، جلال جتوئي ۽ اصغر جتوئي وچ ۾ ٿيل پراڻي خوني تڪرار جو نبيرو عابد جتوئي ۽ زاهد شاهه بخاري جي سرپئنچي هيٺ مجيد جتوئي جي اوطاق تي ٿيو، جنهن ۾ ڌرين جا امين ذوالفقار جتوئي، صدام جتوئي ۽ انور جتوئي شريڪ ٿيا، ڌرين جا بيان ٻڌڻ بعد سندن جا هڪٻئي مٿان مجموعي طور تي 26 خون ثابت ٿيا، جن ۾ حنيف جتوئي، اصغر جتوئي، گورو، ضمير ، حاڪم، سرور، نسيم، گلڻ، محب، صابر ۽ ٻيا مارجي ويل شامل آهن، جڏهن ته 2 مردن ۽ هڪ عورت جي خون ۽ چوپائي مال جي ڦرجڻ جي پاڪ ڪتاب تي ساک مقرر ڪئي وئي، فيصلي جي سرپئنچن 26 خونن جو ڌرين تي مجموعي طور 7 ڪروڙ ڏنڊ مقرر ڪيو، ڌرين پاران هڪ – هڪ لک روپيا بروقت ادا ڪيو ويو، اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 50 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جنهن بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون، نبيري بعد دعا خير گهري وئي.
25 سال اڳ ڌرين ۾ تڪرار شروع ٿيو: 26 ڄڻا قتل ٿي چڪا
لاڙڪاڻو: ياد رهي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ 25 سالن کان پراڻو خوني تڪرار هلندڙ هو، جنهن دوران مختلف وقتن تي ٻنهي ڌرين سان واسطو رکندڙ عورتن سميت 26 ڄڻا قتل 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن، جنهن ڪري علائقو ڪافي عرصي کان نوگو ايريا بڻيل هو. اهڙي نبيري کان پوءِ علائقي واسين ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي.
جھيڙن سبب امن تباهه ٿي ويو آهي، قبيلائي تڪرار ختم ڪرايا وڃن: علائقي واسي
لاڙڪاڻو: نبيري بعد ڌرين کي ڀاڪر پارائي کيرکنڊ ڪيو ويو ۽ خير جي دعا پڻ گهري وئي. پراڻي خوني تڪرار جي نبيري تي علائقي واسين جو چوڻ هو ته جھيڙن سبب سنڌ جو امن تباهه ٿي ويو آهي، قبيلائي تڪرارن کي ختم ڪرائڻ جي لاءِ سڄاڻ ڌرين کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
نبيري ۾ هڪ_هڪ لک رپيا بروقت ادا، اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 50 لک ڏنڊ
راضيديرو: فيصلي جي سرپئنچن 26 خونن جو ڌرين تي مجموعي طور 7 ڪروڙ ڏنڊ مقرر ڪيو، ڌرين پاران هڪ – هڪ لک روپيا بروقت ادا ڪيو ويو، اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 50 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جنهن بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون، نبيري بعد دعا خير گهري وئي.