رانديگرن جي حفاظت منهنجي ذميواري آهي: بين اسٽوڪس

رانديگرن جي حفاظت منهنجي ذميواري آهي: بين اسٽوڪس

ميلبرن(اسپورٽس ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس چيو آهي ته بطور ڪپتان رانديگرن جي حفاظت منهنجي ذميواري آهي. ميلبرن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بين اسٽوڪس چيو ته ذهني صحت منهنجي سڀ کان اهم ترجيح آهي. مونکي پاڻ ان طرح جي حالتن جو سڌو تجربو رهيو آهي ته انسان تي ڪيئن اثر وجھي سگھجي ٿو.  اسٽوڪس وڌيڪ چيو ته بطور ڪپتان منهنجو ڪردار ڪرڪيٽرز جي حفاظت ڪرڻ آهي، مون هميشه پنهنجي پوري ڪوشش ڪئي آهي ته انهن کي تحفظ فراهم ڪريان، هاڻي منهنجي اها ئي اصل ذميواري آهي. هن چيو ته اهو ڪڏهن آسان ناهي هوندو جڏهن نه صرف ميڊيا پر سوشل ميڊيا به توهان تي حملو ڪري ڏئي، ڏکئي وقت جڏهن توهان ڄاڻيو ٿا ته توهان جا ليڊر گڏ آهن ته اهو احساس تمام وڏو حوصلو ڏيندو آهي. هن اعتراف ڪيو ته جڏهن توهان ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٽن ميچن تان سيريز هارائي چڪا آهيو ته جيڪو به چئو يا ڪريو، ان تي تنقيد ٿيڻ فطري آهي، اهڙين حالتن ۾ توهان وٽ ڪنهن ڳالهه جو جواز نٿو رهي.