| راند ۾ سياست قبول ناهي: ايران فيفا ورلڊ ڪپ جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو |
تهران (اسپورٽس نيوز) ايراني فٽبال فيڊريشن اعلان ڪيو آهي ته تهران ايندڙ هفتي واشنگٽن ۾ ٿيندڙ 2026ع فٽبال ورلڊ ڪپ فائنلز جي ڊرا تقريب جو بائيڪاٽ ڪندو، ڇو ته آمريڪا وفد جي ڪيئي ميمبرن کي ويزا جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ايراني فٽبال فيڊريشن جي ترجمان سرڪاري ٽيليويزن کي ٻڌايو ته ”اسان فيفا کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته ڪيل فيصلن جو راند سان ڪو به واسطو ناهي ۽ ايراني وفد جا ميمبر عالمي ڪپ ڊرا ۾ شرڪت نه ڪندا.“ايراني اسپورٽس ويب سائيٽ ورزش ٿري موجب آمريڪا ايراني وفد جي ڪيئي ميمبرن جن ۾ فيڊريشن جو صدر مهدي تاج پڻ شامل آهي، کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.فيڊريشن جي صدر مهدي تاج ان فيصلي کي سياسي قرار ڏيندي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته ”اسان فيفا جي سربراهه کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته هي مڪمل طور تي سياسي موقف آهي ۽ فيفا کي گهرجي ته آمريڪا کي اهڙي قسم جو رويو اختيار ڪرڻ کان روڪي.“