رانوتي جي ڪچي ۾ هٿياربندن جو حملو، صحافي بچل گهڃو شهيد، لاش رکي ڌرڻو

آگسٽ 28, 2024

رانوتي (رپورٽ: نصر الله چاچڙ) رانوتي جي ڪچي ۾ هٿياربندن جو حملو، زمين ۾ گهرواري ۽ نياڻي سان گاهه ڪندڙ صحافي شهيد، واقعي بعد جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، پوليس پاران 3 ڏينهن جي مهلت ورتي وئي، خبر موجب ڳوٺ الله بخش گهڃو واسي صحافي ۽ نجي ٽيوي جو رپورٽر محمد بچل گهڃو پنهنجي زمين تي گاهه ڪري رهيو هو ته ڪمند جي فصل ۾ اڳ ئي لڪل هٿياربندن مٿس حملو ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ صحافي ٿڏي تي ئي شهيد  ٿي ويو، واقعي بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، واقعي جي اطلاع تي رانوتي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شهيد صحافي جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، واقعي بعد صحافي ۽ وارث وڏي انگ ۾ پهچي ويا، جن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ شهيد صحافي جو لاش ميرپور ماٿيلو ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان لاش رکي ڌرڻو هنيو، ڊي ايس پي عبدالقادر چاچڙ پهچي وارثن ۽ صحافين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو، ڊي ايس پي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ٽن ڏينهن جي مهلت ورتي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او رانوتي ٻڌايو ته گهڃا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان صحافي کي پنهنجي ئي برادري  جي هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪيو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي، آخري اطلاعن تائين  واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي پوليس ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي

صحافي مٿان بشير گهڃو تي 10 لک انعام رکرائڻ جو الزام هو

رانوتي: ڪجھه عرصو اڳ گهوٽڪي پوليس بشير گهڃو کي ڏوهاري قرار ڏئي مٿس 10 لک روپيا انعام رکيو هو، جنهن جي مٿان رانوتي ٿاڻي تي ڪيس به داخل ٿيل هئا، جنهن بعد بشير گهڃو لائيو وڊيو ۾ خودڪشي ڪئي هئي، جنهن جو  الزام بشير گهڃو جي وارثن صحافي بچل گهڃو مٿان هنيو هو ته هن پوليس معرفت  اسان جي نوجوان بشير گهڃو مٿان انعام رکرايو آهي، برادري جي چڱن مڙسن بدنام ڏوهاري راڻو شر جي اوطاق تي فيصلو ڪري صحافي بچل گهڃو کي چرٻيلي جي  ساک به ڏني هئي، جنهن بعد کيس ڪالهه هٿياربندن گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو

ڀاءُ گاهه ڪرڻ ويو ته هٿياربندن حملو ڪري کيس شهيد ڪيو: سچل

رانوتي: شهيد صحافي جي ڀاءُ محمد سچل پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو ڀاءُ پنهنجي گهرواري ۽ نياڻي سان گڏ پنهنجي فصل تي گاهه ڪرڻ ويو هو ته هٿياربندن عبدالرحمان، غلام ياسين، غلام محمد، غلام حسين، جاويد، وزير، قدير ۽ ٻين حملو ڪري گوليون هڻي کيس شهيد ڪيو، قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي

صحافي محمد بچل گهڃو جي جنازي نماز اباڻي ڳوٺ ۾ ادا، مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

رانوتي: شهيد صحافي محمد بچل گهڃو جي جنازي نماز اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻ، صحافين ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

Leave A Comment